لوئر دير (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته 8 فيبرور ي تي اليڪشن آئين جو تقاضو آهي. شيڊول اچڻ کان پوءِ شڪ شبها ختم ٿي ويا آهن. لوئر دير ۾ خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي اليڪشن نٿا چاهين. انهن ماڻهن کي الييڪشن ۾ شڪست نظر اچي ٿي. هن چيو ته جن جا ڪيس عدالتن ۾ آهن انهن سان انصاف، عدل سان معاملا طئه ڪرڻ گھرجن.