ڪجهه دوست سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ جي نقل ڪري چونڊون وڙهي سگهن ٿا، پر عوام کين ڀرپور جواب ڏيندو، 8 فيبروري تي مهانگائي ليگ کي هارائي تير کي کٽرائينداسين، جيئن آصف زرداري جي محنت سان ڪجهه مهينن لاءِ هُنن جو وزيراعظم آيو هو، تيئن آصف زرداري جي محنت سان جيالو وزيراعظم ۽ وڏو وزير ايندو
پ پ چيئرمين جو مٺي ۾ جلسي کي خطاب، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ پنهنجي ٻَل تي چونڊون وڙهي رهي آهي، مان ساڄي يا کاٻي پاسي نه، پر عوام ڏانهن ڏسندو آهيان، عوام کان طاقت سان اڳتي وڌي سياست ڪندو آهيان، پنهنجو مستقبل عوام تي ڇڏي رهيو آهيان، عوام خدمت جو موقعو ڏنو ته اسان تيار آهيون، مون کي لڳي ٿو گهڻن دوستن کي عوام سرپرائيز ڏيندو، جيڪي بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي کان ئي چونڊن جا نتيجا ڊڪليئر ڪرائين ٿا، اُنهن کي عوام 8 فيبروري تي جواب ڏيندو، 9 مئي تي ادارن مٿان حملا ڪندڙ تحريڪ انتشار پارٽي کي به عوام رد ڪري ڇڏيندو، عوام وڌيڪ ڪابه سازش برداشت نه ڪندو، 5 سالن تائين سليڪٽيڊ راڄ ڀوڳيو آهي، هاڻي ڪوبه سليڪٽيڊ راڄ قبول ناهي، اسان گڏجي شهيدن جو اڻپورو مشن پورو ڪنداسين، عوام هاڻي روايتي سياست ۽ سياستدانن کي رد ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو ساڳيو ئي منشور اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، ٿر ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي سموري ملڪ ۾ چونڊ وڙهي سگهان ٿو