سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ ڪتي کي گولي هڻڻ تان ٻن ڌرين ۾ جھيري سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ چار زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ سجاول جوڻيجي ڀرسان شاھه جوليو پوليس چونڪي ڀرسان جانوري چونڪ تي ڏينهن خاصخيلي ۽ جانوري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪتي کي بندوق ھڻڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران خاصخيلي برادري جا محمد حنيف خاصخيلي، اختيار خاصخيلي، غلام حيدر خاصخيلي، اصغر خاصخيلي ۽ ٻي ڌر جو پيرسن معشوق جانوري سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اھڙي واقعي جي اطلاع تي سجاول جوڻيجو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وڌيڪ جھيڙي تي ڪنٽرول ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين جا زخمي ٿيل ماڻهو ميروخان ۽ لاڙڪاڻي جي ايمرجنسي اسپتال ٽراما سينٽر داخل ٿيا ھئا، جتي ھڪ پيرسن معشوق جانوري فوت ٿي ويو. ھوڏانھن سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خاصخيلي برادري جي ٻڪريءَ کي جانوري برادري جي ڪتي چڪيو ھو جنھن تان خاصخيلي برادري جي ماڻھن ڪتي کي مارڻ لاءِ بندوق جو فائر ڪيو ته جھيڙو ٿيو. ھڪ زخمي پيرسن معشوق جانوري فوت ٿيو آهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي ھئي ڪنٽرول ڪري پوليس نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي،  وڌيڪ جاچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.