ڪتي جي قبر سنڌ جو تاريخي ۽ جاگرافيائي اٽوٽ حصو آهي، بلوچستان پاران پنهنجي ملڪيت قرار ڏيڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ محمد علي مارفاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان قومي ورثو قرار ڏنل ڪُتي جي قبر کي بلوچستان سرڪار پنهنجي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو، مٿس ليويز پوليس چوڪي پڻ قائم ڪري ڇڏي ، اعتزاز گائنچو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتي جي قبر رڳو قبر نه پر سنڌ جو ھزارين ايڪڙن تي مشتمل حسين ترين ٿڌو ماڳ آهي. ڪتي جي قبر ۽ سنڌ بلوچستان جو دنگ، ھي تصوير ۾ نظر ايندڙ 1916ع ۾ انگريز سرڪار پاران ٺاھيل اھو سيمينٽڊ گول دڪو آهي جيڪو ڪتي جي قبر کان مٿي سنڌ بلوچستان جو دنگ ٺاھي ٿو، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ جا ڊاڪيومينٽري پروف رکيل ھيا پر جيئن ته ھي معاملو اڄ جو نه پر سال 1900ع کان شروع ٿيل آهي تنهنڪري سنڌ جو اھو حسين ماڳ بلوچستان جو ڄاڻائڻ لاءِ 1980ع جي ڏھاڪي ۾ اھو دڪو اکيڙي اھي پروف گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
مير علي شاهه لکيو ته سنڌ جي دنگ ڪتي جي قبر جي وارثي ڪنداسين، راجا حيدر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتي جي قبر وارو علائقو اسان جي حدن ۾ آھي، بلوچستان حڪومت سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، . خادم مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومت جو ڪتي جي قبر تي جھيڙو، بلوچستان پاران ڪتي جي قبر تي ليويز پوليس چوڪي قائم. انتظاميه کي گھرجي ته ڪتي جي قبر تي رستو تيار ڪن ته جيئن ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ آساني ٿئي، ذلفي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ”ڪتي جي قبر“ تي بلوچستان جو قبضو/ سنڌ جي قومپرست پارٽين کي آواز اٿارڻ گھرجي. تازو سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ”ڪتي جي قبر“ کي قومي ورثو قرار ڏئي اتي سياحت کي فروغ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ھو. سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي کانپوءِ بلوچستان حڪومت کيرٿر رينج ۾ واقعي ڪتي جي قبر تي ليويز اھلڪار ويھاري سنڌ جي سرحدي دنگ تي قبضو ڪيو آھي جيڪو تاريخي طور سنڌ جو قومي ورثو آھي ۽ سنڌ جو اڻٽوٽ حصو آھي. سنڌ جي قومپرست جماعتن کي ”ڪتي جي قبر“ جي مالڪي ڪرڻ گھرجي ۽ آواز اٿارڻ گھرجي. سنڌ سرڪار تي دٻاءُ وجھن گهرجي ته ڪتي جي قبر تي سنڌ پوليس سميت رينجرز کي مقرر ڪري پنھنجي ماڳن جي مالڪي ڪري ۽ ان جي حفاظت يقيني بڻائي. بلوچستان جي ايم پي اي زرين خان مگسي کي جواب سنڌ جو ايم اين اي بلڪه قمبر ضلعي جي چونڍيل عيوضي مير عامر خان مگسي کي ڏيڻ گهرجي، مرزا قليچ بيگ سميت سنڌ جا تاريخدان پنهنجن ڪتابن ۾ لکن ٿا ته ڪتي جي قبر وارو علائقو سنڌ جي ملڪيت آهي ان کان علاوه هي جنهن گزيٽ جي ڳالھه ڪري ٿو بهتر هيو ان گزيٽ کي هن چئنل تي آڻڻ گھرجيس ها باقي بغير ثبوط ڳالهه ڪرڻ هڪ ايم پي اي کي سونهين نٿي،
مسلسل پنج ڀيرا قمبر ضلعي مان ايم اين اي ۽ ايم پي اي جو ووٽ وٺي ڪامياب ٿيندڙ مگسي ڀائر آهن جن جي پهچان جن جي سياست سنڌ سان آهي سنڌ ئي انهن کي مير بڻايو آهي، انهن جو نينگر جيڪو پهريو ڀيرو بلوچستان مان ايم پي اي چونڊيو آهي، مير عامر مگسي جو فرزند زرين مگسي جنهن سنڌ سان ناانصافي وارو بيان ڏئي سنڌ جي ماڳ ڪتي جي قبر جو نالو ئي مٽائي ( ڪوچڪ ڪي قبر) بيان ڪيو آهي جيڪو نالو اڳ ڪنهن به ڪونه ٻڌو هوندو، سنڌ جي ماڳ سنڌ جي ملڪيت کي بلوچستان جي ملڪيت چئي ڇڏيو آهي جيڪي سنڌ سان سراسر ناانصافي آهي، هن جو جواب مگسي ڀائرن کي ڏيڻ گهرجي ڇو جو انهن جي سڃاڻپ سياست سنڌ جي ڪري آهي سنڌ ۽ قمبر ضلعي جي سنڌين جي ووٽ انهن کي مير بڻايو آهي ٽيھه سالن کان سنڌ مان ڪمايو اٿن هن وقت به سنڌ مان چونڊيل آهن هاڻي وقت اٿن ته سنڌ سان گڏ بيهن يا بلوچستان سان ، شاهه محمد رضا چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتي جي قبر ۽ ڏاڙهيارو جبل انگريز به لکيو ته سنڌ جي ملڪيت آهي، جيڪي دوست چون پيا ته ڪتي جي قبر سنڌ ۾ نه پر بلوچستان ۾ آهي اهي پنهنجو قبلو درست ڪن، تاريخ ۽ جاگرافي مطابق ڪتي جي قبر سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ رهندي، مختيار شاهنوازاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتي جي قبر سنڌ جو اڻٽٽ حصو آھي. احمد سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو قومي ورثو ڪتي جي قبر تي بلوچستان جو قبضو سمجھه کان ٻاهر آھي، آئون ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ کي ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ۽ نواب سردار چانڊيو کي پرزور اپيل ۽ اھو مطالبو ڪندس ڪتي جي قبر تي پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي ۽ ليويز اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي غير قانوني سنڌ جي حد ۾ حد جي ايس ايس پي اجازت کان بغير ڪئين اچي پوليس چوڪي قائم ڪئي آھي.
غني امان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪيڏي ته بدبختي آھي اي سنڌ تنھنجي! روز نوان اشو لاھي سنڌ کي مفلوج ڪيو ٿو وڃي! ڏاڙھيارو جبل يعني کيرٿر جبل سنڌ جي تاريخ جو اڏول ۽ شينھن جبل آھي . سرڪار نامدار طرفان کيرٿر جبل جي چوٽي تي موجود ڪتي جي قبر يعني ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي پاسي کان بلوچستان سان لڳندڙ سنڌ جي آخري سرحد آھي جنھن تي ليويز بلوچستان آفيشل طور تي اچي قبضو ڪيو آھي جيتوڻيڪ اسين سياسي ماڻھون اھو سمجھون پيا ته اھو ھڪڙو نئون اشو سنڌ قوم جي احساسن کي مجروح ڪرڻ لاءِ ميدان تي لاٿو ويو آھي پر ڪجي به ڇا ؟ اخلاق احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتي جي قبر قمبر ضلعي جي حد ۾ آهي جنهن جو رڪارڊ روينيو کاتي قمبر ۾ موجود آهي ته پوءِ ان تي بلوچستان حڪومت ڪيئن ٿي قبضو ڪري، ڪتي جي قبر قمبر ضلعي جي حد ۾ آهي جنهن کي نصيرآباد جي مختيار ڪار مرزا ڪليج بيگ متعارف ڪرايو هو.
سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي کيرٿر جبل تي ڪتي جي قبر تي ڪنهن به قسم جو قبضو برداشت نه ڪنداسين، جنهن تي ساگر سعيد سنڌي لکيو ته ڏھياڙو جبل ۽ ڪتي جي قبر سنڌ جو حصو آھي، فقير محمد لکيو ته سرداري جهيڙي کان سواءِ ، ڪتي جي قبر سنڌ جو ماڳ آهي ، ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. اصغر عبدالهادي لکليو ته ھٿ سان راند ٿاڪن بس عوام سان، توھان جو مقصد آھي ڪتي جي قبر بلوچستان يا سنڌ ۾ سڄو مسئلو گورنمينٽ جو آھي، سجاد علي مارفاڻي لکيو ته في الحال درياهه جي مالڪي ڪرڻ کپي، اسان جو جياپو سنڌو درياهه آهي، لياقت لطيفي لکيو ته پوري سنڌ تي مڪمل قبضو آ، نثار احمد لکيو ته سائين غريبن تي هر ڪوئي زور آ، ملتان به ته سنڌ جو حصو آ ان تي سڀ چُپ ڪري ويٺا ھو، سنڌي مختيار سمون لکيو ته سنڌي قوم جا ڌيان ڪتي جي قبر ڏي ڪري نوان ڪئنال ۽ گرين پاڪستان جھڙا منصوبا ٺاھي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ٿو وڃي، علي اصغر لکيو ته درياهه ۽ دنگن لاءِ هر سنڌي ماڻهو جدوجهد ڪري، قربان علي لکيو ته ڪتي جي قبر بلوچستان جو حصو آھي ۽ رھندي، فراز احمد چانڊيو به ردعمل ڏنو، نادر ايوب چنا لکيو ته ڪتي جي قبر تاريخي طور سنڌ جو ئي حصو رھي آ ان تي ڪنھن به قسم جو قبضو نامنظور، نديم احمد لکيو ته بلوچستان جي کيرٿر جبل ڪتي جي قبر تي ڪنھن به قسم جو قبضو برداشت نه ڪنداسين، وسيم سومرو، علي رضا چانڊيو به ردعمل ڏنو، اجمل باجڪاڻي لکيو ته سنڌ جي ماڳن تي ڪنهن به قسم جو قبضو نامنظور، بابو براهوي لکيو ته بلوچستان جو حصو آهي، ممتاز همراهي لکيو ته سنڌ تي والار نا منظور، مظفر قاضي لکيو ته ھي بيوقوف نٿا سمجھن، نويد علي لکيو ته درياهه جي مسئلي تي ڳالهايون ڪتي واري قبر کي ڇڏيو درياهه بچايو، بدر خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتي جي قبر نقشي ۾ اڳ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ھئي ھاڻي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ آھي سنڌ جو ازل کان حصو آھي، چالاڪيون ھوشياريون ڪيڏيون به ٿينديون رھن پر سنڌو تي ڪئنال نامنطور نامنظور نامنظور، جنهن تي سڪندر صنم جهنڊيل لکيو ته ڪتي جي قبر تعلقي قمبر جي حد ۽ سنڌ جي ملڪيت آهي. پر هن مسئلي کي پنجاب سرڪار جو سنڌ درياهه مٿان غير آئيني، غير شرعي ۽ غير قانوني :6 ڪئنال ڪڍڻ مهل وفاق طرفان هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت هڪ هٿرادو ۽ جڙتو مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي جنهن کي قبول نٿو ڪري سگهجي…