ڪراچي: مڪاني ادارن واري کاتي پاران ڪتن جي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ويڪسينيشن (خصي ڪرڻ) بابت قانون جو مسودو پيش ڪيو ويو، قانون تحت ڪتن جا مالڪ ضمني قانون موجب ڪنٽرول شده افزائش، حفاظتي ٽُڪا سازي، سلسله بندي ۽ لائسنس سازي جا ذميوار هوندا. رولو ڪتن کي ڪائونسلز (مختلف مڪاني ادارن ) پاران انفرادي طور تي جراثيم ڪش ۽ حفاظتي ٽڪا لڳايا ويندا. ڪائونسلز پاران ڄم روڪ ۽ مرگهي کي منهن ڏيڻ جي پروگرام جي منصوبا بندي ۽ انتظام جي مقصد لاءِ پنهنجون لاڳاپيل مانيٽرنگ ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون. ڪاميٽين کي رولو ڪتن جي سروي، جراثيم مار ويڪسين ڪرائڻ، ڇتن ڪتن کي پڪڙڻ، ٽرانسپورٽنگ، پناھ ڏيڻ، خصي ڪرڻ، ويڪسين لڳائڻ، علاج ۽ آزاد ڪرڻ جا اختيار هوندا. ڪتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سيل قائم ڪيو ويندو، جتي ڪتن خلاف ڪارروائي لاءِ شڪايتون داخل ڪري سگھبيون.