ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي سپر اسٽار، اداڪارا ۽ ماڊل ڪترينا ڪيف تازو ئي پنهنجي ويجهي دوست ڪرشما ڪوهلي جي شادي ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس خوبصورت انداز، دلڪش لباس ۽ مڙس وڪي ڪوشل سان گڏ تصويرن سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي موهي ڇڏيو. هن شادي جون ڪترينا ڪيف ۽ سندس مڙس وڪي ڪوشل جون ڪجهه تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن. انهن تصويرن ۾ ڪترينا جي ٻانهن تي هڪ مهندي جو ٽيٽو پڻ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تي لفظ ‘وي ڪي’ لکيل آهي ۽ ان تي هڪ دل ٺهيل آهي. هي ٽيٽو مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ اداڪارا جي مداحن ۽ استعمال ڪندڙن طرفان سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا پڻ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. ڪجهه استعمال ڪندڙن مذاق ڪندي چيو ته ‘وي ڪي’ جو مطلب شايد وڪي ڪوشل نه، پر ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي آهي. ڪجهه سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪترينا سندس مڙس وڪي ڪوشل جي نالي جو مخفف آهي. جڏهن ته ڪجهه چيو ته اهو اصل ۾ ‘وڪي ڪترينا’ جو مخفف آهي، ۽ صرف وڪي ڪوشل جو نه آهي.