ٽنڊو مير علي (ن پ ا) ٻه سال اڳ ٽنڊو مير علي واسي حيدر علي ولد نصير احمد ڀٽي کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيوهيو، جنهن کان پوءِ هن ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسين نه ڪرائڻ سبب گذريل رات سياري جي مند شروع ٿيندي ئي هن جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي ۽ هن گهر ڀاتين سان بدسلوڪي ڪري چڪ هڻڻ شروع ڪيا، جنهن کان پوءِ هن کي هڪدم گمس اسپتال گمبٽ ۾داخل ڪيو ويو، جتي هن جون ليبارٽري مان ٽيسٽون ڪرايون ويون ته سندس رپوٽ پازيٽو اچي وئي، هن جي جسم اندر جراثيم موجود هئڻ جي تصديق پڻ ٿي وئي، جنهن کان پوءِ اتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ڪري وارث کيس واپس پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو مير علي شهر کڻائي آيا، جتي هن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ۽ زهريلا وائرس هن جي سڄي جسم ۾پکڙجي ويا ۽ هن کي رت جون الٽيون شروع ٿي ويون، جنهن کان پوءِ هو تڙپي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف ٽنڊو مير علي ۾ ڪتا مار مهم ٽائون طرفان نه هلائڻ تي سڄي شهر ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، شهرين موجب جيڪڏهن ڪتامار مهم هلائي ڪتا نه  ماريا ويا ته اڃا الائي ڪيترا حيدر علي جهڙا ڳڀرو نوجوان پنهنجون زندگيون وڃائي ويهندا.