ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف ڪتاب لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر راشد لطيف موجب مان هڪ ڪتاب لکي رهيو آهيان، جنهن ۾ ميچ فڪسنگ بابت وڏا انڪشاف ڪندس. هن چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪرڪيٽ ۾ ڇا ٿيو؟ سڀ ڳالهيون ڪتاب ۾ موجود هونديون.