حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ” سنڌي ٻولي، خطرا، موقعا ۽ تجويزون” جي سري هيٺ ‘ سنڌي ٻاراڻو ادب ۽ ٻولي’ جي موضوع تي آن لائن مباحثو ٿيو. جنهن ۾ ڳالهائيندي ٻاراڻي ادب جي نامياري ليکڪه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ چيو ته پراڻي وقت کان نانين ۽ ڏاڏين جي زباني لوڪ ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون ٻڌيون، جن ۾ سمجهاڻي هوندي هئي اها نسلن ۾ منتقل ٿيندي رهي ۽ پوءِ ان لوڪ ادب کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ هاڻ جديد ٽيڪنالاجي جو وقت آهي ٻاراڻي ادب کي ڇپائڻ لاء ادارا ناهن، ان ڪري ٻاراڻو ادب اچڻ بند ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪجھ اسڪولن ۾ بڪ بئنڪ جو رواج ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان کي وڌائي ٻارن ۾ دلچسپي وڌائي سگهجي ٿي، ان لاء ضروري آهي ته ٻار جي عمر مطابق معياري مواد سان گڏ نج ٻولي ڏيڻ گهرجي جڏھن ڪتاب ٻار جي اڳيان هوندو ۽ دلچسپي وارو مواد هوندو ته ٻارن ۾ پڙهڻ جو رجحان وڌندو، هن وقت ڪتابن ۾ پروف جون غلطيون ۽ ڌارين ٻولين جي لفظن جو استعمال گهڻو آهي ان ڪري ٻار وٽ ٻوليءَ جو بگاڙ ٿي رهيو آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نامياري شاعر ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪ علي دوست عاجز چيو ته ٻاراڻي ادب کي ڇپائڻ لاء خاص پبلشر هئڻ گهرجن ۽ اهڙا ادارا هئڻ گهرجن جيڪي ٻاراڻو ادب يا شاعري تخليق ڪرڻ لاءِ ليکڪن کي اتساهه ڏين. هن وقت ٻارن جي تعليم ۽ سکيا لاء ڪا ترجيح ناهي والدين ٻار کي چُپ ڪرائڻ يا پرچائڻ لاء موبائيل هٿ ۾ ڏئي ٿا ڇڏين، اسڪولن جي صورتحال اڳيان آهي اهڙي صورتحال ۾ ٻار جي خوشنصيبي آهي جنھن کي پڙهائڻ وارو سٺو استاد ملي وڃي ته سکي سگهي ٿو. ٻار جي سکيا لاءِ والدين کي ماحول ٺاهڻ گهرجي گهر ۾ ڌيان ڏيڻ سان گڏ اسڪول مان به جاچ وٺندا رهن، ٻاراڻي ادب جي نوجوان ۽ نامياري ليکڪ خالد آزاد چيو ته بنيادي ڳالھ اها آهي ته سنڌ جو هاڻ وارو ٻار ادبي ڪتاب ۽ رسالا پڙهي به ٿو يا نه؟ 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ ٻاراڻي ادب جو زبردست دور هو. اسان وٽ سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال بجاء ان جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، اسان وٽ زندگي جي هر ڪاروهنوار ۾ پڙهڻ بجاءِ سوشل ميڊيا کي ترجيح ڏيون ٿا، دنيا ۾ ايئن ناهي، گهڻن ملڪن ٻارن جي ادب کي موبائيل ۽ ڪمپيوٽر تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، انهن مختلف ايپليڪيشن، ويب سائيٽس، آڊيو ۽ وڊيو ٺاهي پراڻا رسالا ۽ ڪتاب انهن ۾ رکيا آهن ۽ اهي شيون ٻار تائين آساني سان پهچن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته مجموعي طور تي سنڌي ادب ۾ سائنسي مواد جي کوٽ آهي، ڊجيٽل ميڊيا تي سائنسي معلومات ۽ مواد موجود آهي ، ٻاهر مزيدار ۽ دلچسپ سائنسي مواد ملي ٿو مصنوعي ذھانت جي هن دور ۾ جديد دور جي تقاضائن موجب ان سائنسي مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ٻار تائين پهچائي سگهجي ٿو. ‘آن لائن مباحثي جي ميزباني شوڪت چاچڙ ڪئي.