ڪا به ڊيل نه ڪندس:عمران خان طرفان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان

0
81
ڪا به ڊيل نه ڪندس:عمران خان
ڪا به ڊيل نه ڪندس:عمران خان

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

عمران خان لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ عدليه کي ورهائڻ جِي سازش ڪئي پئي وڃي، سازش ڪندڙ ڪَن کولَي ٻڌي ڇڏن، مان ڪا به ڊيل نه ڪندس

مون کي نااهل ڪرائي سيپٽمبر جَي آخر ۾ نوازشريف کي واپس آڻڻ جِي سازش ڪئي پئي وڃي، نوازشريف تون فِڪر نه ڪر، مان تنهنجو استقبال ڪندس، عمران خان چيو ته، اسان فوج کي ڪمزور نه مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا

عمران خان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ خوف پکيڙَي چورن ۽ ڌاڙيلن کي ٻيهر ملڪ تي مڙهڻ جِي سازش ٿي رهي آهي، ايندڙ هفتي راولپنڊي ۾ جلسو ڪندس، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪراچي ۾ پاور شو ڪندس

 عمران خان چيو آهي ته  ٽائيگر فورس ۾ عورتن کي به شامل ڪيو ويندو، حيدرآباد، سکر، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ به جلسن جو اعلان ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

ملڪ خاطر شهباز شريف ۽ عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: صدر عارف علوي

ملڪ ۾ 75 هون جشن آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي