ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) اسان سڀ ڳئون يا ٻڪري جو کير پيئڻ جا عادي آهيون، پر جيڪڏهن اسان توهان کي ٻڌايو ته مستقبل ۾ ڪاڪروچ جو کير ملي سگهي ٿو ته توهان جو ردعمل ڇا هوندو؟ تازن مطالعن مان خبر پوي ٿي ته سپر فوڊ جي درجي ۾ هڪ غير متوقع طور تي نئون مقابلو ڪندڙ کير ڪاڪروچ جو کير ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ اهو عجيب لڳي سگهي ٿو، پر سائنسدانن اهو معلوم ڪيو آهي ته ڪاڪروچ جو کير ڳئون جي کير کان ٽي ڀيرا وڌيڪ غذائيت وارو ٿي سگهي ٿو. ھن دريافت غذائيت جي ماهرن ۾ دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي آھي، جن جو مڃڻ آهي ته ڪاڪروچ جو کير صحت لاءِ ذڪر جوڳن فائدن وارو ٿي سگهي ٿو، محققن ان ڳالهه تي روشني وڌي آهي ته کير پروٽين، سڻڀ ۽ شگر سان مالا مال آهي، جنهن ڪري اهو ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ غذائي مادو بڻجي وڃي ٿو. جرنل آف دي انٽرنيشنل يونين آف ڪرسٽالوگرافي ۾ شايع ٿيل 2016 جي هڪ مطالعي ۾ کير وانگر مادي جو تجزيو ڪيو ويو، جيڪو مادي ڪاڪروچ پنهنجي ٻچن کي کارائڻ لاءِ پيدا ڪري ٿي.