ڪاڪا جو قتل ۽ ڌاري آبادڪاري جو سوال!

0
72
ڪاڪا جو قتل ۽ ڌاري آبادڪاري جو سوال!

 بلال ڪاڪا جي قتل کان فورن بعد پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال نازڪ ٿي وئي. ساڃاهه وند ماڻهو اضطراب ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ ان ڳالھه جو فڪر ڪرڻ لڳا ته ڪٿي سنڌ ڌرتي، جيڪا امن جي ڌرتي آهي، قتل و غارت جي لپيٽ ۾ نه اچي وڃي.

ڪاڪا جي قتل تي پوري سنڌ ۾ رد عمل نظر آيو.  ڪجهه ماڻهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري پٺاڻن جا دڪان به بند ڪرايا، ته ڪٿي وري تشدد به ڏٺو ويو. پر سُٺي ڳالھه اها آھي ته امن جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون، ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچي وئي.

 مقامي ماڻهن جي احتجاج سان پوري ملڪ ۾ اهو غلط تاثر ويو ته سنڌ ۾ لساني بنيادن تي سنڌي، پٺاڻ تڪرار ٿو هلي. پاڪستاني پشتونن به اهڙو ئي تاثر ورتو، ۽ بلوچستان جي ڪجھه علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن کي تنگ به ڪيائون. وڏي ڳالھه ته BBC Urdu جهڙي مهان اداري به هڪ ويڊيو شايع ڪئي جنهن جو عنوان هو: “بلال ڪاڪا ڪا قتل: سنڌ مين لساني بنيادون پر سنڌي اور پشتون برادري ڪشيدگي اصل حقيقت ڪيا هي؟” هن ڪلپ ۾ به پوري جدوجهد کي بلال ڪاڪا جي قتل جي ڪانٽيسٽ ۾ ڏٺو ويو، ۽ ڌاري آبادڪاري جي مسئلي ته سنڌي ماڻهن جو موقف پيش ئي نه ڪيو ويو، جيڪا هڪ غلط ڳالھه آھي.

بلال ڪاڪا جو قتل ته فقط هڪ ٽرگر جو ڪم ڪيو. اصل ۾ ته گهڻي وقت کان ئي پوري صوبي ۾ افغاني پناهگيرن جي رهائش تي بي چيني جو آتش فشان ٺهي رهيو هو، جيڪو ڪڏھن به ڦاٽي ٿي سگهيو. تنهن ڪري، سنڌي عوام ۾ رنج ۽ غصي جو ٽارگيٽ عام پشتون نه هئا. بلڪه هي هڪ سياسي تحريڪ چئي سگهجي ٿي، جنهن جو اصل مقصد هو سنڌ ۾ مقيم غير قانوني افغاني پناهگيرن کي سنڌ بدر ڪرڻ.

اها ڳالهه ڪرڻ به لازمي آھي ته سنڌ جي آبادي جو ڪجهه حصو سنڌي پٺاڻن تي به مشتمل آهي، جيڪي هاڻي مڪمل طور تي پاڻ کي سنڌي ٿا سمجهن. انهن جا ذاتي توڙي گڏيل مفاد به اهي ئي آهن، جيڪي عام سنڌين جا آهن. هو سنڌ جي سرزمين کي ئي پنهنجي سرزمين ٿا سمجهن، ۽ ان جي ماڻهن جي خوشحالي کي پنهجي ڪاميابي ٿا سمجهن. جڏهن ته افغانين جا سياسي، سماجي ۽ معاشي مفاد سنڌين کان بنھه مختلف آهن.

سنڌ ۾ پٺاڻن جي رهڻ جو مسئلو آھي ئي نه. بلڪه هي ته هڪ حقيقت آھي ته سنڌ هاڻي هڪ گهڻ لساني صوبو بڻجي چڪو آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ته هر دانشمند ماڻهو هن ڳالھه جو اعتراف ڪندو. مثال طور، 2017ع واري آدم شماري مان مليل انگ اکرن ( جن تي اعتراض به آھن) موجب سنڌ جي پوڻن پنج ڪروڙ آبادي مان تقريبن 3 ڪروڙ ماڻھو سنڌي زبان ڳالهائن ٿا؛ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد اٽڪل 87 لک، ۽ پشتو ڳالهائيندڙن جو انگ 26 لک تائين آهي. ان کان علاوه صوبي ۾ ٻيون ٻوليون، جهڙوڪ: سرائيڪي، بلوچي ۽ بروهڪي وغيره به وڏي پيماني تي ڳالھائيون وڃن ٿيون.

جن ماڻهن بلال ڪاڪا جي قتل تي ايئن سمجهيو ته هي ڪو سنڌي-پٺاڻ ڪشيدگي يا تڪرار آھي، ته انهن غلط سمجهيو. بلڪه هي ڳالهه ڪرڻ به لازمي آھي ته ڪجھه اڻڄاڻ سنڌي ماڻھو به ان پروپئگينڊا جو شڪار ٿيا ۽ اهو مطالبو ڪرڻ لڳا ته سنڌ مان سڀ پٺاڻ نڪري وڃن. هي مطالبو جائز نه هو، ڇو جو هتي اُهي پشتون به رهن ٿا، جيڪي پاڪستاني آهن، سالن کان وٺي سنڌ ۾ رهائش پذير آهن. ايئن ڪرڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 ۾ يا ته ترميم ڪرڻي پوندي يا مذڪوره آرٽيڪلن کي ختم ڪرڻ پوندو، جيڪا فلحال هڪ ڏکي ڳالهه آهي.

سنڌ ۾ اصل مسئلو افغانين جي آبادڪاري جو آھي. هن وقت پوري سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ افغاني پناهگير رهن ٿا. ان ۾ ڪجھه تعداد انهن پناهگيرن جو آھي، جن کي پاڪستاني رياست ڪجھه وقت اڳ پاڻ رهايو هو، پر هاڻي ته انهن لاءِ به رهڻ جو ڪو جواز ئي ڪونهي. پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، ڪافي وقت کان افغانين جي مھمان نوازي ڪندي آئي آھي، پر ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته هو پاڪستان ڇڏي، پنهنجي ملڪ واپس وڃن.

ان ڳالهه کي به تسليم ڪرڻ لازمي آهي ته افغاني هتان ڪڏھن به پنهنجي مرضي سان ڪو نه نڪرندا. هو ته هتي دائمي طور تي رهڻ جا خواهش مند آھن. انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن ناجائز طريقن سان پاڪستاني شهريت به حاصل ڪئي آھي. هو هتي پنهنجا ڪاروبار به ڪن ٿا، ته سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جا به ارادا رکن ٿا. شهريت حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو ايترا سياسي، سماجي، ۽ معاشي حق رکن ٿا، جيترا هڪ مقامي ماڻهو رکي ٿو.

توهان پاڻ به ٿورو غور ڪريو ته ڪير چاهيندو ته هو ڪراچي جهڙو ميٽرو پوليٽن ۽ بين الاقوامي معيار رکندڙ شهر ڇڏي ڪابل يا ڪنهن بي علائقي ۾ وڃي رهن. ڪو پاڪستاني شهري افغاني پناهگيرن کي ڪڍي ته ڏيکاري. هو مرڻ مارائڻ تائين هتان ڪو نه نڪرندا.

افغانين جي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ سان صوبي جي ڊيموگريفي تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي. اگر هنن کي هتي رهڻ ڏنو ويو ۽ اگر هجرت ڪري ايندڙ افغانين کي نه روڪيو ويو ته مقامي ماڻهن جو اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي. هي تحفظات ڪي غير منطقي ناهن. وضاحت لاءِ هن نقطي کي ڏسو. افغاني پناهگير هزارن جي تعداد ۾ پاڪستان هجرت ڪري اچن ٿا، ۽ انهن مان گهڻن جي ڪراچي منزل مقصود آھي. ايئن انهن جو انگ مسلسل وڌندو رهي ٿو. ٻي ڳالھه اها ته مذهبي عقيدن جي ڪري ۽ تعليم جي اڻاٺ جي ڪري، انهن جي آبادي وڌڻ جي شرح ٻين قومن کان ڪافي وڌيڪ آھي. انهن سببن جي ڪري انهن جي آبادي تيزي سان وڌندي رهي ٿي، جنهن سان مقامي ماڻهو جو اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو جائز آهي.

 تنهن ڪري، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون هن مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪن، ۽ غير قانوني طور تي ترسيل پناهگيرن جا پير پٽائين. اگر هن معاملي ۾ وڌيڪ غفلت ڏيکاري وئي ته حالتون خراب به ٿي سگهن ٿيون، ڇو جو مقامي ماڻهو هاڻي سجاڳي جي راهه تي گامزن آهن.

 [email protected]