قصبو (ن پ ا )  ڪاڇي ۾ گھٽي جي معاملي تان جھيڙي ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو. ان ڏس ۾ ڪاڇي جي ڳوٺ مزاري مستوئي ۾ گهٽي جي لنگهه جي معاملي تان مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي. جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽهڙو 36ورھين جو  نوجوان صالح  پٽ مجيد مستوئي زخمي ٿي پيو کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جوھي منتقل ڪيو جتي  نازڪ حالت ھجڻ ڪري کيس جوھي مان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو  جتي ھو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي  فوت ٿي ويو  ان ڏس ۾  رابطو ڪرڻ تي مقتول جي ڀاء نظير مستوئي ٻڌايو ته  سڪندر مستوئي ۽ ان جي ڀاڻئجن گبول برادري ۽  علي اصغر مستوئي وارن جو گھر آڏو گهٽي جي معاملي تان جهيڙو ٿيو.  جتي جوابدار علي اصغر مستوئي سرور مستوئي وارا سڪندر مستوئي وارن جي ٽيوب ويل تي سولر پليٽون ڀڃڻ لاءِ ويا. منهنجي ڀاءُ صالح مستوئي ڌرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته  جوابدار علي اصغر مستوئي سرور مستوئي ۽ ٻن منهنجي ڀاء مٿان سنڌي فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي  ڪري فرار ٿي ويا ڀاء کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتي سيرس حالت ھجڻ ڪري کيس جوھي مان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ته رستي سان نئيندي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. متاثر موجب اسان سان جوابدارن ظلم ڪيو آھي نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس ڪري  سخت قانوني ڪاروائي ڪري ڀاء جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي پٽ گل محمد پوليس موجب ڳوٺ مزاري مستوئي  نئين گاج ٿاڻي جي حد ۾ آھي پر نوجوان کي جوابدارن پاران  ڳوٺ ٻاھران پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو  جنهن کي  حيدرآباد نيو پئي ويو ته ھو رستي ۾ فوت ٿي ويو آھي . جڏھن ته گبول برادري جو نوجوان شھزاد به زخمي ٿي پيو آھي جنهن کي جوھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوب ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.