فريدآباد(ن پ ا) ڪاڇي ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل عبدالستار عرف پنھل ڇاٻرو جو ڪيس شاهه گودڙيو ٿاڻي تي عبدالرحمان ڇاٻرو جي فرياد تي مقتول جي ڀاڻج قربان ڇاٻرو، حضور بخش، علي حيدر، جمن ڇاٻرو سميت 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. مقتول عبدالرسول عرف پنھل ڇاٻرو جي ڀيڻ عاقلان ڇاٻرو صدمي ۾ فوت ٿي وئي، گهر ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻي طرف مقتول جي سئوٽ ڪيس جي فريادي عبدالرحمان ڇاٻرو ۽ ٻين وارثن شاھ گودڙيو پوليس تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته شاهه گودڙيو پوليس پھرئين ڏينهن کان مامري بابت ھينئر تائين ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي، شاھ گودڙيو پوليس بروقت واقعي جي جاءِ تي پھچي ھا ته قاتل گرفتار ٿين ھا ھينئر به قاتل ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جانچ ميھڙ پوليس کي ڏيئي جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.