جوھي/قصبو (نمائندن وٽان) قصبو لڳ نئين گاج ٿاڻي وٽ  ٽيوب ويل تي ويٺل قاسم لنڊ جي خاندان تي ھٿياربندن ڪاھ ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪندي 60 سالن جي پيرسن عورت بشيران ، محمد قاسم لنڊ ، ڪالو عابد، اسد لنڊ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آھن مقامي ڳوٺاڻن اھڙو اطلاع گاج ٿاڻي تي ڏنو، جتي فريادي ڌر موجب ھڪ پوليس اھلڪار ويٺل ھئو بعد۾ فريادي ڌر قصبو ٿاڻي تي پھچي واقعي جو اطلاع ڏنو تنھن ھوندي به ٻنھي ٿاڻن مان پوليس ڪا به ڪاروائي  نه ڪئي مغوي جي  وارثن جوھي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪندي صاحب خان لنڊ عرس نثار ۽ جعفر چيو  ته پنج ڏينھن اڳ قصبو لڳ ڳوٺ راڄوديرو واسي ناري ثمينا ڌي بخشل چانڊيو خان لنڊ سان پرڻو ڪيو جنھن تي چانڊيا برادري جي ڪجهه ماڻھن جوابي ڪاروائي ڪندي 60 سالن جي بشيران لنڊ سميت پنج ماڻھو اغوا ڪري ويا آھن، بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو ته ٿاڻن مان پوليس غائب ھئي ھنن چيو ته پرڻو ڪندڙ جوڙي سان سندن ڪو تعلق ناھي پوليس حالتن تي ڪنٽرول نه ڪيو  ته وڏي خونريزي ٿي ويندي ، واقعي بعد  ڊي ايس پي جوھي  مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ ڳوٺ راڄوديرو وٽ پھچي ويو آھي، تنھن ھوندي به مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي جوھي  نظير ملاح موجب ته واقعي جي مختلف رخن کان جانچ ڪريون ٿا واقعي جو اطلاع رات دير سان مليو ڪاروائي ڪريون ٿا، ڪيس ضرور داخل ٿيندو  واقعو ناري جي پلاند جو سبب ٿي سگھي ٿو، آخري اطلاعن تائين ڊي ايس پي  جوهي جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري  ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويوآهي، جڏهن ته پڪڙ جوابدارن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويوآهي .