ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان پوليو جو شڪي ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ صحت کاتي جي مختلف ٽيمن پاران گُرو جبل واري علائقي جو دورو ڪيو، نينگري ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪئي. ملاقات بعد واپسي تي ٽنڊو رحيم خان اسپتال ۾ ميٽنگ ڪئي، جنهن بعد ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وزٽ ڪندڙ ٽيم جو چوڻ هو ته اسان موقف نه ٿا ڏئي سگهون تفصيل ڊي سي او دادو ۽ ڊي ايچ او دادو کان وٺو. ٻئي پاسي متاثر نينگري جي مائٽن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي وزٽ بعد اسان کي نينگري لاءِ ڪجهه دوائون ڏنيون ويون پر ڪي به سيمپل نه ورتا ويا. هنن چيو ته نينگري شروع ۾ ٺيڪ هئي بخار بعد معذر ٿيڻ لڳي ۽ عمر جي حساب سان معذوري ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن سبب اسان کي ڳڻتي آهي ان لاءِ اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي نينگري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. هنن چيو ته اسان وٽ ڪي به پوليو ٽيمون ناهن اينديون اسان 2016 کان مختلف وقتن تي احتجاج ڪندا پيا اچون.