ڪاڇو (ن پ ا) ڪاڇي جي شهر ڊرگھه بالا واسي مشهور رازي استاد منظور جوکيو جو نوجوان پٽ اختيار جوکيو دماغي مرض ۾ مبتلا هجڻ سبب زنجير  ۾ جڪڙيل آهي. غريب پورهيت  استاد منظور جوکيو پنهنجي پٽ جي علاج لاءِ پنهنجو الھ تلھ وڪڻي ڇڏيو .هر هڪ ماڻهو کان مدد گهري شهر ۾ چندو ڪري به پنهنجي پٽ جو علاج ڪرايو، پر دماغي بيماري  ۾ ورتل  سندس نوجوان پٽ جي صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو. طبيعت ۾  سڌارو نه اچڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي وڌيڪ وسيعت نه هجڻ  سبب کيس زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ استاد منظور جوکيو جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ اختيار جوکيو گذريل 6 سالن کان دماغي بيماري ۾ مبتلا آهي   پٽ جو وس آهر علاج ڪرايو پر پٽ جي طبيعت ۾ سڌارو اچي نه سگهيو آهي هاڻ مون ۾ علاج جي وسيعت ناهي . پٽ جي طبيعت گهڻي خراب هجڻ  سبب هاڻ کيس هڪ ڪمري ۾ زنجيرن سان جڪڙي رکيو آهي جئين  گهر يا ٻاهر ڪو نقصان نه ڪري وجهي. استاد منظور جوکيو سرڪار توڙي سرندي وارن کي پٽ جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪندي ڇيو آهي ته منهنجو پٽ علاج سان ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، منهنجي پٽ جو علاج ڪرايو وڃي ته  هو صحتمند زندگي گذاري سگهي ۽ اسان جون پريشانيون دور ٿي سگهن.