فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو لنڊو پيراڇ واسي 40 ورھين جو عبدالستار عرف پنھل ڇاٻرو موٽرسائيڪل تي ڳوٺ ڃي رهيو هو ته شاهه گودڙيو ٿاڻي جي حد قاسم لڪ وٽ ھٿياربندن فائرنگ ڪري کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، لاش واقعي واري هنڌ ڪيترائي ڪلاڪ پيل رھيو، شاھ گودڙيو ٿاڻو 3 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هئڻ باوجود پوليس 3 ڪلاڪن کانپوءِ پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو.مقتول جي سئوٽ عبدالرسول ڇاٻرو ٻڌايو ته عبدالستار عرف پنھل ڇاٻرو کي بيگناهه سندس ڀاڻيجن قربان ڇاٻرو، حضور بخش، نظر، جمن، محمد خان ڇاٻرو گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.  ٻي طرف پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا  قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.