قصبو(ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ راجو ديرو جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن گھر سروي جي ٻئي قسط نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، عمر چانڊيو، اشرف ٻٻر، عمران چانڊيو، محمد خان پنهور ۽ ٻين  سماجي تنظيم ٿرديپ خلاف احتجاج ڪندي داھيندي چيو  ته پهرين مرحلي ۾ گهرن جي اڏاوت لاءِ 75 هزار رپيا جاري ڪيا ويا هئا، جن سان ڊي پي سي مڪمل ڪئي وئي، پر ٻئي مرحلي جي رقم ٽي مھينا گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين جاري نه ڪئي وئي آهي ، متاثرن جو الزام آهي ته ٿرديپ جا انجنيئر لوڪيشن نه موڪلي رهيا آهن، جنهن سبب رقم روڪيل آهي،انهن مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ٻئي مرحلي جي رقم جاري ڪئي وڃي،اهڙي صورتحال ۾، ضروري آهي ته لاڳاپيل ادارا ۽ سماجي تنظيمون متاثر ڳوٺاڻن جي مسئلن جو نوٽيس وٺي، انهن جي بحالي ۽ امداد جي عمل کي تيز ڪن، جيئن اهي پنهنجن گهرن جي اڏاوت مڪمل ڪري سگهن متاثرين جو  وڌيڪ چوڻ ھو ته ھر دفعي بنا جواز ٻدائڻ جي اسان کي واپس ڪيو وڃي ٿو نه ئي ڪو سروير موڪليو وڃي ٿو، ھنن سنڌ حڪومت ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي جلد کان جلد ٻئي قست ڏني وڃي ته زندگي سڪون سان گذاري سگھون.