ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ڪاڇي ۾ به برسات ۽ نيون وهي اچڻ بعد يوسي هيڊ ڪواٽر ڇِني مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڪيترائي  گهر  ۽ دڪان پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جوهي تعلقي جي چئن يونين ڪائونلسز ٽنڊو رحيم خان، ڇني، ساوڙو، شاهه حسن جي سوين ڳوٺن جو ڇهين ڏينهن به جوهي سميت ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا آهي، برساتي ايمرجنسي جي اعلان باوجود ڪاڇي ۾ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا، ڪاڇي ۾ قائم سڀني اسپتالن کي 6 ڏينهن کي تالا لڳل آهن، ڳوٺ حمزو شاهاڻي ۽ ڇني ۾ ڊليوري لاءِ اسپتال نه پهچڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ٻئي طرف رستا ڪٽيل هجڻ سبب ڪاڇي جي شهرن ۽  ڳوٺن جي دڪانن ۽ بازارن تان کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي، ڪاڇي واسين پاران حڪومت ۽ انتظاميا کان گهر ڪندي چيو ته جلد کان ڪاڇي ۾ هنگامي بنيادن تي اپاءُ وٺي رستا بحال ڪرايا وڃن، جيئن ڪاڇي واسين جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.