ڪاڇي ۾ مهانگائي جا اثر

0
128
سوچ-۾-تبديلي-آڻڻ-جو-وقت

  اسان جي سونهاري سنڌ جا ماڻهو موجوده وقت ۾ انيڪ مسئلن ۾ گهيريل آهن هر مسئلو ٻئي مسئلي کان سنجيده ۽ اهم آهي، ماڻهو ويچارو ڪهڙي مسئلي کي منهن ڏيئي ڪهڙي مسئلي کي منهن ڏئي؟ گهڻا ويچارا ته دل شڪسته ٿي پون ٿا ۽ ڪنهن وڏي اوجهڙ ۾ وڃي اٽڪن ٿا جتان موٽڻ مشڪل ڇا پر نا ممڪن آهي. اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ جسماني ڪيفيت ڪيتري نه متاثر هوندي ۽ اهي ماڻهو جيڪي وڏا پريشان حال هوندا اهي پنهنجي اچڻ واري وقت کي ڪيئن سونهري ۽ گل گلزار ڪري سگهندا. هونئن ته قدرتي طور سنڌ ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ شمار ٿيندي آهي جنهن ۾ اتر لاڙ ڪچو پڪو کارو وغيره پر هتي اسين صرف سنڌ کي ٻن حصن يعني شهري ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن جي روزمره جي زندگي کي ڏسندا سين.

موجوده دور ۾ سنڌ جي شهري ماڻهو کي به اهي سهولتون ميسر ناهن ٿي سگهيون جن جو هو حقدار آهي پر پوءِ به ڪم هلي ٿو وڃي، ٿوري گهڻي تڪليف ضرور پهچي ٿي، ليڪن پوءِ به هو ان کي منهن ڏئي ٿو وڃي. ڇو ته اتي مهانگائي سان گڏ وگڏ ڪافي بهتر روزگار جا ذريعا آهن اهي اتي روزگار هوندي به مهانگائي جي شڪايت ڪن ٿا ته پوءِ ڪاڇي جهڙي پٺتي پيل علائقي جي رهندڙن جي ڇا حالت هوندي؟ اهي ڪهڙي نه اذيت ۾ هوندا جتي اڳ ۾ ٽي ويلا ماڻهو ماني کائيندا هئا ۽ هاڻي اچي ٻن ويلن تي پهتا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اتي وري ٻه ويلا ماني جا به ماڻهن کي نه ٿا ملن، ڇو ته ڪاڇي واري علائقي ۾ روزاني جي بنياد تي مقرر ڪو به ڪم ڪنهن وٽ نه آهي. اتفاق سان ڪنهن کي هڪ  ٻه ڏينهن جي مزدوري ملي ٿي ته وري هفتن هفتن جا ڪم مالڪ بند ڪرايو ڇڏين.

ڪاڇي جي اڪثر ماڻهن جو گذر سفر واڻ، نوڙي، مال متاع يا جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچي وڪرو ڪرڻ تي آهي. لڳاتار ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي جي ڪري هاڻي تقريبن اهو به روزگار جو ذريعو بند ٿي ويو آهي. ان کان اڳ جڏهن ڪاڇي ۾ وڻ عام جام هوندو هو ته ماڻهو پيرن جي مند ۾ چڱو خاصو ناڻو ڪمائي ويندا هئا. جڏهن وڻ ئي نه آهي ته اهو  روزگار ته بند ٿي ويو ، ماڳهين ڪاڇي مان هڪ قيمتي ميوي جو ذائقو چکڻ به اسان جي هٿن مان نڪري ويو. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته وڻن جي واڍي جي ايڏي وڏي نوبت اسان وٽ ڪيئن آئي؟ جنهن جو صاف ۽ چٽو جواب آهي ته ماڻهن وٽ کائڻ پيئڻ جي لاءِ راشن جي ضرورت پوي ٿي هاڻي اهو راشن ڪٿان اچي؟ اڳ ۾ دڪاندار غريب غربي کي اوڌر به ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان کي به اڳيان مال اوڌر تي ملي ٿو ته اسين توهان کي به ڏيندا هئا سين، هاڻي اسان کي به مال اوڌر تي نه ٿو ملي ته اسين توهان کي ڪيئن اوڌر ڏينداسين.

اڳ ۾ ڪجهه صاحب اقتدار ۽ آفيسر ڪنهن غريب تي ڪھل کائي ڪا ننڍي وڏي نوڪري ڏيندا هئا هاڻي مهانگائي جي ايڏي لهر آهي جنهن ۾ آفيسر پاڻ به پريشان آهن ته اسان جي گهر جي چلهه ۽ اسان جي ٻارن جا ناز نخرا ۽ فرمائشون ڪٿان پوريون ٿينديون؟ ڪاڇي جي غريبن جا ٻار رکي سکي ڪچي پڪي ڪنهن مهل آهي ڪنهن مهل نه آهي روئي روئي ننڊ پئجي وڃن ٿا، ڇو ته اهي آيل کان بک جا هيراڪ آهن. ڄڻ بک انهن جي روزاني جي ڪرت هجي پر اميرن جا ٻار جيڪي لگزري گاڏين ۾ سفر ڪن ۽ جيڪي وڏين وڏين هوٽلن ۾ بار بي ڪيو جا مزا وٺن ۽ انتهائي خوبصورت مهانگو لباس پائين، انهن کان هڪ رات بغير کاڌي جي ڪيئن گذرندي اها رات ڄڻ انهن جي لاءِ قيامت صغرا جي برابر هوندي. ڪاڇي ۾ ماڻهو هاڻي اٽي جو ڪلو وٺڻ جي لاءِ به پريشان آهن جيڪڏهن انهن جي گهر اندر ڪنهن کي اسپتال جو رخ ڪرڻو پئجي وڃي ٿو ته ان گهر جو وڏو  پريشان ٿي وڃي ٿو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ پوءِ وري غريب پنهنجي سرندي وارن ڏانهن هٿ ڦهلائي ٿو ۽ اتان به رسوائي پلئه پوي ٿي.

هر ڪو هيئن ٿو چوي ته توهان وٽ آمدني جو ڪهڙو ذريعو آهي جو توهان اسان کي پنهنجي رقم وقت تي واپس ڪندا بس پوءِ ان پريشان حال جون اکيون آسمان ڏانهن کڄي وڃن ٿيون ۽ بي اختيار زبان مان ڏک جا ڪلما نڪري پون ٿا ۽ اکين جا سڪل نار تار ٿي وهي پون ٿا. مگر انهن جي قيمتي ڳوڙهن جو قدر ڪنهن هڪ وٽ به نه آهي، ڇو ته اسان جي هن سماج ۾ هر ڪوئي انهي جو سلامي آهي جنهن جي گهر ۾ ڪا ڪوڏي آهي. مگر هيڻن ۽ ڪنگلن جي لاءِ ڪنهن جي به دل ۾ ڪو به درد نه آهي. اسان وٽ پاليسي ساز اهو ضرور ڏسن ته اسان جي ملڪ جي عوام جو گذر سفر ڇا تي آهي ۽ انهن وٽ ڪيترو روزگار آهي؟  هيئن جي پئٽرول جون قيمتون پيون هر روز وڌنديون ۽ مهانگائي کي پيو يوريا ملندو ته غريب ۽ لاچار ماڻهو وڃي ڪهڙي هنڌ پهچندو؟ بس صاحب ارباب پنهنجي پهرين فرصت مان وقت ڪڍي نج ۽ خالص غريب ماڻهن جي مالي سهائتالاءِ ڪي اهڙيون پاليسيون جوڙين يا انهن کي عزت ڀريو روزگار مهيا ڪري ڏين يا انهن کي ننڍاڙا قرض ڏين جنهن مان انهن جو گذر سفر آساني سان ٿئي جيئن انهن جو ڪم ڪار به هلي ۽ انهن جي گهر جي چلهه پئي ٻري.