قصبو ( ن پ ا ) ڪاڇي ۾ مليريا وبا صحت کاتي جي ڪنٽرول مان نڪري وئي آهي ۽ وڌيڪ ھڪ نينگر مليريا وبا ڳڙڪائي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قصبو ۽ آس پاس ۾ مليريا وگهي فوتين جو انگ وڌي 63 ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ قصبو لڳ ڳوٺ سم شريف ۾ 6 مهينن جو غفار پٽ مجيب الرحمان چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿي ويو سندس گھر ۾ ماتم متل آهي ڪيترائي معصوم ٻارڙا مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا آهن ڪاڇي ۾ برساتن ۽ ٻوڏن بعد مليريا ۽ گيسٽرو تباهي مچائي ڇڏي آهي ھر گھر ۾ اک آلي آهي پوء به صحت کاتي عملي قدم نه کيان آھن.