قصبو (ن پ ا) ڪاڇي ۾ مليريا وبا تي ضابطو نه آيو، هڪ ئي ڏينهن ۾ ڄڻا مليريا جو شڪار ٿي ويا، ان ڏس ۾ مليريا بيماري وگهي عثمان لغاري، گلاب ولد ساجن چانڊيو، زوجه مڙس خير محمد چانڊيو، يوسف ولد يار محمد لاشاري ۽ بشيراحمد رند فوت ٿي ويا، ٻي طرف ريٽائرڊ استاد شرف الدين موجب ته ھڪ ڏينھن ۾ 5 ماڻھو فوت ٿيا آھن، جن کي مست ڪيھر شاھ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آھي، هن چيو ته صحت کاتي طرفان ٻوڏ بعد ماڻھن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن.