قصبو( رپورٽر) ڪاڇي ۾ برساتن تي ڪاهيل برپٽن تي جوئر جي پوک کي پچڻ ۾ مهينو باقي ڪانن مان سنگ نڪرڻ لڳا هارين پاران جهار هڪلڻ لاء ٻنين اندر ڪاٺين جا منهن ٺاهي ورتا مال متاع ڪاهي فصل جي سنڀال لاء ٿاڪ ٺاهڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن. جوئر جو ڪاهيل فصل چوپائي مال متاع سميت هارين آبادگارن لاء روزگار جو اهم سمجھيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ڪاڇي ۾ پراڻي دور ۾ مهمان نوازي جي اهڃاڻ رکندڙ جوئر جي ماني ۽ سرنهن جي ساڳ واري روايت کي جيئندان بخشن وارو جوئر جو فصل ڪاڇي جي آبادگارين ۽ هارين توڙي چوپائي مال جو جيئندان سمجهيو وڃي ٿو جوئر جي فصل جي پوکائي اڌ صدي کان به اڳي ڪاڇي ۾ ڪئي ويندي رهي آهي هن فصل جي ڇٽائي اڪثر ڪري نئن گاج جي پاڻي تي ٿيندي آئي آھي ڪاڇي جا برپٽ جڏهن ڀرجي ريج ٻج ڇٽن جهڙي پوزيشن ۾ ايندا هئا ته هاري ويچارا هر پاڃاريون ۽ ڏاندن جاجوڙا جوٽي رات ڏينهن تتي ٿڌي ۾ پنهنجو پگهر وهائي ڀريل برپٽ ۽ ٻنا ترت ڪاهي جوئر ڇٽيندا هئا اهو ڪاهيل فصل صرف پهرين پاڻي تي پچي تيار ٿي ويندا ھئا جوئر جو فصل جڏهن پچي سنگ ڪڍي وٺندو هو ته هاري انهن ڪاهيل فصل کي جهار جهڻي کان بچڻ لاء کانڀاڻيون کڻي جهار ۽ پکين کي هڪليندا هئا هن وقت به هارين جو اهو پورهيو ڪاڇي ۾ جاري آهي جوئر جي پوک هن وقت سنگ ڪڍي پچڻ لاء تيار ٿي وئي آهي ليڪن چٽ جي تمام سخت گرمي سبب جوئر جي ڪاهيل فصل جي پيداوار يعني اپت گهٽ ٿيڻ جو امڪان آھي ڪاڇي ۾ سولر سسٽم تي ٽيوب ويلن ذريعي زمينن کي آباد ڪرڻ واري روايت سان جوئر جي فصل کي ڪاپاري نقصان پهچڻ جو امڪان ظاهر ٿي رهيو آھي ڪاڇي ۾ هن وقت جوئر جو فصل نه هئڻ برابر ٿي رهيو آهي ڪاڇي جي برپٽن تائين ٽيوب ويل لڳي وڃڻ کانپوء جوئر جي پوکائي بجاء هاري ۽ آبادگار ٻين فصلن جي پوکائي کي ترجيح ڏئي رهيا آھن ڪو وقت هو ته سياري جي راتين ۾ اوطاقن تي باه جامچ ٻاري ڪچهريون ڳجهارتون ڏور بيت ڪندڙ سگهڙن جي ڪچھرين ۾ جوئر جا مٺا ڪمند جهڙا ڪاني به کاڌا ويندا هئا پر هن وقت نه اوطاقون رهيون آهن نه وري اهي جوئر جا ڪمند جهڙا مٺا رس ڀريا ڪانا پر اها چوڻي ۽ ٻول اڄ به مشهور آهي ته سرنهن جي ساڳ تي جوئر جي ماني دل کي وڻئي ته اچ کاء جاء.