قصبو (ن پ ا) ايس ايس پي دادو پاران ڪاڇي مان ناري جي پلاند ۾ اغوا ٿيل ھڪ عورت سميت لنڊ برادري جا پنج ماڻهو بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ھڪ ھفتو اڳ ۾ نئين گاج ٿاڻي ڀرسان پسند جو پرڻو ڪرڻ تي ناري جي پلاند ۾ ھڪ عورت شبيران لنڊ محمد قاسم لنڊ عابد اسد ڪالو لنڊ سميت پنجن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪيو ويو ھيو جنهن جو گاج ٿاڻي تي ڪيس داخل پڻ ڪيو ويو ھو ٻڌايو پيو وڃي لنڊ ۽ چانڊيا جي ٻن ڌرين ۾ ڄاڻايل معاملي بعد علائقي جي اھم شخصيتن ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاء ڪوششون تيز ڪيون. چانڊيا ۽ لنڊ ڌرين تڪرار لاء نيبرڻ لاء راڄوڻي انداز ۾ فيصلو ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آھي ٻي پاسي ايس ايس پي دادو پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته ھڪ ھفتو اڳ نئين گاج ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيل اغوا جي واقعي ۾ پوليس شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي 60ورھين جي عورت سميت 5ڄڻن کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آھي پريس رليز ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ذاتي دشمني ۽ پلاند ۾ پيش آيل ھن اغوا واقعي جو پڻ نئين گاج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. پوليس اطلاع تي انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي. اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن بازياب ٿيندڙن ۾ 60ورھين جي مسمات شبيران لنڊ 35ورھين جو محمد قاسم لنڊ، 23ورھين جو ڪالو، ۽ 14ورھين جو عابد لنڊ، 13ورھين جو اسد لنڊ شامل آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته پنج ماڻهون اغوا واقعو ڳوٺ راڄوديرو واسي ناري ثمينا چانڊيو جو پيار جو پرڻو ڪرڻ تان پيش آيو ھو. ناري جي پلاند ۾ لنڊ برادري جي ھڪ عورت سميت 5ماڻهون اغوا ڪيا ويا ھئا ۽ اھو شرط رکيو ويو ھيو ته جيستائين ناري واپس نه ڪئي ويندي تيستائين لنڊ برادري جا پنج ماڻهون آزاد نه ڪيا ويندا علائقي جي اعتبار جوڳن ذريعن موجب ته رات دير سان ناري ثمينا چانڊيو تي تشدد ڪري زبردستي وارثن حوالي ڪرڻ کانپوء چانڊيا ڌر پاران لنڊ برادري جي پنجن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آھي ۽ اھو طئي ڪيو ويو آھي ته ٻنھي ڌرين جو ڪجھ ڏينهن بعد فيصلو ڪيو ويندو علائقي ۾ اھي به چوٻول آھن ته ناري جي زندگي خطري ھيٺ آھي.