قصبو(ن پ ا(ڪاڇي ۾چانڊيا برادري جي ناري جي  پرڻو ڪرڻ جي  پلاند ۾ لنڊ برادري جي  پنج ماڻهن تي مبينا اغوا ٿيڻ وارو معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو،  نئين گاج ٿاڻي تي  نثار لنڊ جي فرياد تي  ڳوٺ جي چڱي مڙس سميت چانڊيا برادري جي  9 ڄڻن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو،ڪيس ۾ دادن چانڊيو، حسن خان چانڊيو، قربان، جاويد چانڊيو، نظير چانڊيو، معشوق چانڊيو سميت 9ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن،  ايف آءِ آر ۾ فريادي  ڄاڻايو آھي ته اسان  ٽريڪٽر ٽرالي تي ڪڻڪ جو ان  ڳوٺ پوٺو لنڊ کنيو وڃي رھيا ھئاسين ته جوابدار دادن چانڊيو، مٺل چانڊيو نظير حسن خان چانڊيو جاويد معشوق ۽ ٻن اسان جو اڳ وٺي رستا روڪ ڪري ھٿيارن جي زور تي منھنجي ڀاءُ محمد قاسم لنڊ ۽ ڀائٽي اسد ڪالو عابد سميت مسمات شبيران کي ھٿيارن جي زور تي زبردستي جيپ تي وجھي اغوا ڪري کڻي ويا آھن  متاثر ڌر جو چوڻ آھي 2ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به پوليس مغوين کي آزاد ناھي ڪرائي سگھي نه وري جوابدارن کي گرفتار ڪري سگھي آھي، متاثر ڌر پاران آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد سميت ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي وئي آھي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منھنجي ڀاء محمد قاسم لنڊ سميت پنجن مغوين کي آزاد ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي، واضع رھي ته ھي واقعو ڳوٺ راڄوديرو جي رھواسڻ ناري ثمينا ڌي بخشل چانڊيو  پرڻو ڪرڻ تان پيش آيو آھي ٻڌايو پيو وڃي ته 6ڏينهن اڳ  ناري ثمينا نوجوان خان محمد لنڊ سان پرڻو ڪرڻ لاءِ گھران نڪري وئي آھي جنهن تان لنڊ ۽ چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي آھي ۽ ناري جي پلاند ۾ لنڊ برادري جا پنج ماڻهون مبينا اغوا ڪيا ويا آھن جنهن واقعي جو نئين گاج ٿاڻي تي چانڊيه برادري جي 9ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڳوٺاڻن موجب صبح سوير نئين گاج قصبو پٽ گل محمد ۽ دادو پوليس سميت چئن ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ راڄوديرو تي چڙھائي ڪري حيدر چانڊيو ۽ وسيم چانڊيو کي کنڀي کڻي وڃي  نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو آھي جنهن جي اڃان تائين گرفتاري شو ناھي ڪئي وئي پوليس موجب  جوابدار گھر خالي ڪري غائب ٿي ويا آھن جنهن  جي گرفتاري ۽ مغوين کي آزاد ڪرائڻ لاء مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن اڃان تائين ڪاب گرفتاري عمل ۾ ناھي اچي سگھي .