فريدآباد(ن پ ا)  ڪاڇي جي ڳوٺ رئيس عبدالمجيد کوسو جا رھواسي 20 ڏينهن کان مسلسل نئين جي پاڻيءَ ھيٺ آهن، نئين ۽ برساتن جو پاڻيءَ ڪاڇي واسين جو چوپايو مال لوڙھي کڻي وڃڻ سان گڏوگڏ سندن اجھا به ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، متاثر  عورتن ٻارڙن سميت گرم ڪلين ۽ وڻن جي ڇانو ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان ڏس ۾ 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ضلع دادو انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن ڪاڇي واسين جي ڪابه سار نه لڌي آهي. متاثر ۽ سندن ٻار ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبورآهن. متاثرن عبداللطيف کوسو، نواب کوسو، لياقت کوسو،صدوري، حور خاتون، ليلان ۽ ٻين احتجاج ڪندي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي. هنن چيو ته اچ وڃ جو رستو بحال ڪري نئين ۽ برساتن سبب لڙھي ويل مال جو معاوضو ڏيئي عارضي رھائش لاءِ ٽينٽ ڏيئي ڊٿل گهر نئين سر تعمير ڪرائي کاڌي پيتي جي شين سميت صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.