دادو(رپورٽ: فتاح شيخ ) ڪاڇي ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمينن جي کاتن ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ رڪارڊ گم ڪرڻ جي الزام هيٺ ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو کي هٽايو ويو آهي، روينيو کاتي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ديھه پئي، ٽنڊو رحيم خان ۽ ٻين ديھن جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زرعي زمين گرين پاڪستان انشيٽو کي ڏيڻي ڪئي هئي، پر ان کان اڳ ئي سگهارين ڌرين پاران روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري نئين گاج بنگلي واري ايريا، ٽنڊو رحيم خان ۽ ٻين ديهن جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري 8 هزار کان وڌيڪ ايڪڙ زمين پنهنجن ويجهن ماڻهن جي نالن تي ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪاڇي جي 20 کان وڌيڪ ديهن ۾ پيل سرڪاري زمينن جو رڪارڊ طلب ڪيو ته رڪارڊ ۾ وڏي پيماني تي هيرا ڦيري ذريعي 8، هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين خانگي ماڻهن جي کاتن تي چڙهيل هئي، روينيو کاتي جي اعتماد جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب 8 مهينا اڳ سنڌ حڪومت پاران گرين پاڪستان انشيٽو کي ڪاڇي ۾ زمين ڏيڻ لاءِ طلب ڪيل رڪارڊ ۾ اها زمين ڪنهن جي کاتي تي چڙهيل نه هئي، جنهن تي سنڌ حڪومت پاران سخت نوٽيس وٺندي ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو کي هٽائي سندس جاءِ تي مرتضيٰ شاھه کي ڊي سي دادو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪاڇي جي 20 کان وڌيڪ ديهن جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ ديھه پئي ۽ ٽنڊو رحيم خان سميت ڪيترين ديهن جو رڪارڊ گم ڪرڻ بابت پنهنجي اخبار ۾ رپورٽ شايع ٿي هئي، جنهن کان پوء سنڌ حڪومت پاران ڪرايل اعليٰ سطحي جاچ ۾ رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري سرڪاري زمين خانگي ماڻهن جي کاتن تي ڪرڻ جي ثابتي ملڻ تي ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو کي هٽايو ويو آهي.