قصبو (رپورٽ: نادر مستوئي) ڪاڇي کي گاج جي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ تعمير ٿيندڙ گاج بند جو ڪم  مڪمل نه ٿي سگهيو. مهينن ۾َ مڪمل ٿيندڙ ڪم  کي ٻيو سال مڪمل ٿيڻَ تي اچي پهتو پر رڳوڀت جو ڪم 300 کان 400 فوٽ تائين به نه ٿي سگهي. مليل اطلاعن موجب ڪاڇي جو وڏو منصوبو گاج بند ايريگيشن کاتي، مرمتي ڪم ڪرائيندڙ ڪمپني ۽ عملدارن لاء سوني جهرڪي بڻيل آهي ڪم کي ترت مڪمل ڪرڻ بجاء اينگهائڻَ جو سلسلو جاري آهي. مهينن ۾َ مڪمل ٿيڻ واري ڪم کي انتظاميه ٻه سال لڳائي ڇڏيا آهن. 2019 کان مسلسل برساتن ۽ نئين گاج جي ٻوڏن سبب ٽُٽل بند جي مرمت لاء 2021 ۾ مليل پنج ارب رپين جي رقم کي به خرچ ڪيو ويو آهي پر ڪم اڃا اتي جو اتي آهي. اڃا ديوار به مڪمل نه ڪئي وئي آهي. چار هزار فوٽ پيل گهارا به چار سالن کان وٺي نه ٻڌجي سگهيا آهن.  ذريعن موجب گاج بند منصوبي تي 2008ع دوران ڪرپشن جي جانچ کانپوء نيب پاران ٿيل ڪاروائي ۾ ملوث ڪامورن تي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ انهن ڪيسن ۾ گهربل گاج ڊويزن جا ڪيترائي عملدار موجوده تعميراتي ڪم جا به ذميوار بڻايا ويا آهن. گاج بند سن 2005 کانپوءِ ھن وقت تائين ڇھ مرتبا ٻوڏن ۾ ٽُٽو پر هرسال مرمت لاء لکين رپيا ٽينڊر ڪيا ويندا رهيا مرمت نه ڪئي وئي بند ٽُٽڻ سبب علائقي جون زرعي زمينون آبادي لائق نه بڻجي سگهيون.