قصبو ( ن پ ا ) ڪاڇي جي شهر ڊرگھه بالا ۾ يوسي چيئرمين سميت ضلعي ڪائونسل ميمبر خلاف سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن پاران ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو سخت نعريبازي ان موقعي تي احتجاج ڪندي سياسي سماجي ۽ شهري اڳواڻن ممتاز علي  وگهيو ستار ڏاھري محمد بچل برھماڻي حافظ غلام حيدر لنڊ ۽ ٻين يوسي چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته ٻه سال گذري وڃڻ باوجود يوسي چيئرمين ڊرگھه بالا ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر  يوسي جي عوام کي ڪوبه فائدو ناھي ڏنو ماھوار فنڊ ڪاغذي ڪاروائي تائين محدود آھن جڏھن ته  سولر پليٽون حقيقي مستحقن کي ڏيڻ بدران من پسند ماڻهن کي تقسيم ڪيون ويون آھن شهر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي  چيئرمين شهر ۾ ٽڪي جو ڪم ناھي ڪرايو. مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته يوسي  ڊرگھه بالا جي بيواھه عورتن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ماھوار فنڊ من پسند جيالن تي خرچ ڪيا پيا وڃن مظاھرين مطالبو ڪيو ته يوسي ڊرگھه بالا جي چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي نااھلي جو نوٽيس وٺي يوسي جي عوام کي سهولتون فراھم ڪيون وڃن.