پيرس(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ فنڪار انوکي ڊيزائن واري گاڏي جو ماڊل ٺاهيو آهي پر اهو ماڊل ڪاٺيءَ جو آهي جنهن کي بڻائڻ ۾ 5 سالن تائين جي محنت ڪئي وئي آهي، هاڻي اهو ماڊل 2 لک 25 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو آهي. مائيڪل رابيلارڊ اهو شاهڪار پنجن سالن جي محنت کانپوءِ تيار ڪيو آهي جيڪو اصل گاڏيءَ جهڙو آهي. ان جي قيمت 6 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ آهي جنهن کي فرانس ۾ نيلام ڪيو ويو آهي. ان کي فرانس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل طور تي ڪم ڪندڙ هڪ شاندار ماڊل آهي. گاڏيءَ جي ماڊل کي مڪمل طور تي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويو آهي جيڪا فرانس ۾ هڪ اهم فن به سمجهيو ويندو آهي، ڪاٺيءَ جي گاڏي ٺاهڻ جو اهڙو فن تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪاٺيءَ جي گاڏي ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ٿي آهي.