ڪوئيٽا(م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ ۾ ناراضگي جي نالي تي ڪنهن کي به تشدد جي ڪا به اجازت نه آهي، ناراضگين کي ڇڏي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي وزيراعظم اسحاق ڊار جو جشن آزادي جي موقعي تي ڪوئيٽا ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان وٽ اربين کربين رپين جي معدنيات آهي، ملڪ ايٽمي طاقت آهي، هاڻي اسان کي معاشي طاقت به بڻجڻو آهي، اسين سڀئي گڏجي وچن ڪريون ته سازش جو حصو نه بڻجڻو آهي ۽ گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي