ڪانگو وائرس کان مريضن کي بچائڻ واري جنگ ۾ ڊاڪٽر پنهنجي زندگي هارائي ويٺو

0
320

ڪانگو وائرس کان مريضن کي بچائڻ واري جنگ ۾ سول اسپتال ڪوئيٽا جو ڊاڪٽر پنهنجي زندگي هارائي ويٺو آهي

 سول اسپتال ڪوئيٽا جي ڪانگو وائرس سٽيل وڌيڪ 4 ڊاڪٽرز سميت 7 ڄڻن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي

صحت کاتي جي ترجمان موجب ڊاڪٽر شڪورالله سميت 5 ڊاڪٽر سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ مريضن جو علاج ڪرڻ دوران وائرس جو نشانو بڻيا

ڊاڪٽر شڪورالله ڪانگو وائرس وگهي دم ڏنو، سميع ترين، سيد عثمان شاهه ۽ حاصل خان سميت ڪانگو وائرس سٽيل 7 ڄڻن کي ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو

ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڪانگو وائرس سٽيل ڊاڪٽرز ۽ ٻين جو علاج جاري آهن