فرانس(شوبز نيوز) پاڪستاني شارٽ فلم “نام بدل دينا” ڪانز ورلڊ فلم فيسٽيول جي شارٽ فلم جي فهرست ۾ شامل ڪئي وئي آهي. پاڪستاني هدايتڪارا ارشيلا سلمان جي ان 26 منٽن جي شارٽ فلم ۾ ويجهڙ ۾ شوبز انڊسٽري ۾ قدم رکندڙ اداڪارا حرا خان ۽ ارسلان خان مک ڪردار ادا ڪيو آهي. “نام بدل دينا” ويمن سائيڪلوجي تي ٻڌل آهي ان فلم جي ڪهاڻي ٻن ويجهن دوستن تي ٻڌل آهي جيڪي بهترين دوست هئڻ سان گڏوگڏ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا آهن. فلم جي ايگزيڪٽيو پروڊيوسر نويد فاروق موجب هن ان فلم ۾ زال مڙس وچ ۾ گهري دوستي ۽ محبت کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي معاشري يا وري ڀارت ۾ به ان قسم جون شارٽ فلمون ناهن ٺهنديون جنهن ۾ زال مڙس وچ ۾ سٺا لاڳاپا دوستي ۽ سچي پيار کي صاف سٿري انداز ۾ ڏيکاريو وڃي.