ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) ذهانت جي ڳالهه هجي ته صدين کان سائنسدان پکين کي احمق سمجهندا هئا پر هڪ پکي جيڪو هميشه کان حيران ڪندو آيو آهي اهو آهي ڪانءُ، گذريل ڪجهه سالن جي دوران سائنس ڄاڻيو ته ڪانءُ شيون ٺاهڻ، گڏ ڪرڻ ۽ ٽولز جي سارسنڀار جي صلاحيت رکي ٿو، هو کيڏڻ پسند ڪري ٿو ۽ پنهنجي اندر گهڻو ڪينه به رکي ٿو، هڪ نئين تحقيق مان ثابت ڪيو ويو آهي ته ڪانءُ اها اسان جي اندازن کان وڌيڪ هوشيار پکي آهي، سائنسدانن جي تحقيق موجب ڪانءُ هڪ کان چار تائين وڏي آواز ۾ ڳڻپ به ڪري سگهي ٿو، ڪانءُ اسڪرين تي نمبر ڏسي به ان موجب ڪان ڪان ڪري سگهي ٿو، جرمني جي Tubingen يونيورسٽي جي اهڙي دلچسپ تحقيق ۾ ڳوليو ويو ته ڪانءُ جهڙي طرح نمبرز جي سڃاڻپ ۽ ان جي موجب رد عمل ظاهر ڪري ٿو، اهو انسانن سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڪانءُ ۽ انساني ٻار تقريبن هڪ جهڙي ڳڻپ ڪرڻ سکندا آهن ۽ تيزي سان سڃاڻپ ڪري وٺندا آهن انهن جي سامهون ڪيتري انگ ۾ شيون موجود آهي، تحقيق ڪندڙن موجب، ٽن يورپي نسل جي ڪانون کي تحقيق دوران استعمال ڪيو ويو ۽ کين مختلف تربيتي مرحلن مان گذاريو ويو، انهن پکين کي 4 نمبرن جي سڃاڻپ ڪرائي وئي ۽ ان موجب ڪا ڪان جي ذريعي رد عمل ظاهر ڪرڻ جي تربيت ڏني وئي، نتيجن مان معلوم ٿيو ته انهن پکين جي سامهون جيترا نمبر لکيل نظر آيا ۽ انهن ايترا ڀيرا آواز ڪڍيو.