ڄامشورو) رپورٽر) سنڌ ڪابينا پاران سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ 20 سال جو انتظامي تجربو رکندڙ ڪامورن کي اهل قرار ڏيڻ واري فيصلي کي استادن جي تنظيمن ۽ تعليمدانن مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح ٻڌايو آهي ته سنڌ ڪابينا غلط فيصلو ڪري رهي آهي، جيڪو واپس وٺڻ گھرجي 20 سال انتظامي ترجبو رکندڙ کي وائيس چانسلر ڪئين ٿو مقرر ڪري سگهي يونيورسٽي ۾ انتظامي ڪاروهنوار کان وڌيڪ اهميت تعليمي معيار ۽ ريسرچ رکي ٿي، ٻئي پاسي ڦاپواسا سنڌ جي صدر اختيار گهمريو ٻڌايو آهي ته نان اڪيڊمڪ کي وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ اهل قرار ڏيڻ تعليم دشمن فيصلو آهي جيڪي به جرنل يونيورسٽيون آهن انهي ۾ اتان جي اهلن کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي وائس چانسلر اداري جو سربراھ ھجڻ جي حيثيت ۾ سينٽ سينڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي سربراهي ڪندو آهي 20 سال انتظامي ترجبو رکندڙ کي انتظامي ڪاروهنوار تي ايندو پر تعليمي معيار کي هو برقرار نه رکي سگھندو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استادن جي تنظيم جي صدر فهد کوسو ٻڌايو ته سنڌ جي جيڪا به يونيورسٽي هجي انهيءَ ۾ وائس چانسلر جي مقرري لاءِ پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي هولڊر هجڻ وارو شرط لازمي آهي استادن جو مطالبو رهيو آهي ته وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ پي ايڇ ڊي ۽ پروفيسر وارو شرط لازم هجڻ گهرجي، حڪومت اهڙو فيصلو واپس وٺي بي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.