ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي گورنر  ڪامران ٽسوري مادرعلمين ۾ ڪامورا وي سي مقرر  ڪرڻ بابت سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز ترميمي بل 2025ع تي اعتراض واريندي اهو سنڌ اسيمبلي ڏانهن  واپس موڪلي ڇڏيو، سنڌ جي گورنر اعتراض وارو نوٽ لکيو آھي ته وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن(هيڪ) جي واضح هدايتن موجب وائيس چانسلر جو تعليمي ماهر هجڻ لازمي آهي، ٻيا صوبا هيڪ جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهن، پي ايچ ڊي هولڊرز علمي قيادت، تحقيق ۽ انتظامي مسئلن تي تمام گهڻي ڄاڻ رکندا آهن. جڏهن ته ڪامورا تعليمي معيار ۽ تحقيق تي پورو نه لهندا آهن۔ اهي ڪامورا شايد شاگردن، فيڪلٽي ۽ محققن جي تعليمي ضرورتن کي سٺي نموني سمجهي  نٿا سگھن، انھي ڪري ھو بل واپس ڪجي ٿو، اميد آھي ته منهنجي اٿاريل اعتراضن تي ٻيهر غورڪيو ويندو. واضح ر هي ته حڪومت مادر علمين ۾ وي سي جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ترميمي بِل منظور ڪرايو هو، جنهن جي مادرعلمين جي پروفيسرن مخالفت ڪندي احتجاج ڪيو هو.