سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ فاپواسا جي سڏ تي سموريون تعليمي سرگرميون 12 وڳي کان پوءِ بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي پروفيسر اختيار گهمرو، حسام الدين شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ يونيورسٽيز ۽ انسٽيٽيوٽس قانون (ترميمي) ايڪٽ 2025 ۾ تجويز ڪيل تازي ترميم جي سخت مخالفت ڪريون ٿا، اهي ترميمون غير اڪيڊمڪ بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر طور مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون، جيڪو عمل تعليمي ادارن جي خودمختياري لاءِ انتهائي وڏو خطرو آهي، هنن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ خودمختيار حڪمراني، اڪيڊمڪ آزادي، ۽ ذهني آزاديءَ جي اصولن کي سخت نقصان پهچائڻ واري عنمل جي حمايت نٿي ڪري سگهجي.