ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي ڪامورا شاهي ۾ اٿل پٿل: ٻئي مرحلي ۾ مختلف کاتن جا 56 ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر تبديل، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ڊي سي سائوٿ  آفيس جي ضلعي پي اينڊ ڊي آفيسر سميع الله پٺاڻ کي اي ڊي سي ون سائوٿ مقرر ڪري اتان رياض لغاري کي بدلي ڪيو ويو آهي

ڊي سي آفيس ملير جي پي اينڊ ڊي آفيسر جهانگير شاھ کي اي ڊي سي ون ويسٽ ڪراچي مقرر ڪري اتان اياز سومرو کي بدلي ڪيو ويو، اي ڊي سي ون گھوٽڪي سمير لغاري کي اي ڊي سي ون ملير مقرر ڪيو ويو، جتان الهڏنو چنا کي بدلي ڪيو ويو، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آصف جوڻيجو کي بدلي ڪري  اي ڊي سي ون سينٽرل جي خالي پيل جاءِ تي مقرر ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ڪريم سومرو کي اي ڊي سي ون ايسٽ مقرر ڪيو ويو، جتان ظهور علي کي بدلي ڪري اي ڊي سي ون ڪياماڙي مقرر ڪيو ويو، ڪياماڙي مان ذوالفقار دائودپوٽو بدلي ڪيو ويو، پبلڪ هيلٿ جي ڊپٽي سيڪريٽري زاهد جوڻيجو کي اي ڊي سي ون ڪورنگي مقرر ڪيو ويو، جتان نثار عباسي کي هٽائي اي ڊي سي ون سکر مقرر ڪيو ويو ،اعجاز جتوئي کي اي ڊي سي ون حيدرآباد ۽ منور عباس سومرو کي اي ڊي سي ون ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو. اي ڊي سي ون بدين نجيب الرحمان کي بدلي ڪري اي ڊي سي ون ٽنڊو محمد خان مقرر ڪيو ويو

جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد علي خواجا کي اي ڊي سي ون ٺٽو مقرر ڪيو ويو، گھرو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري عبدالڪريم سنگراسي کي اي ڊي سي ون سجاول مقررڪيو ويو. جڏهن ته اي ڊي سي ون سکر لياقت ڪلهوڙو کي بدلي ڪري اي ڊي سي ون گھوٽڪي مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف گھوٽڪي جي اي ڊي سي ٽو حميد مغل کي اي ڊي سي ون عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو. ميرپورخاص جي اسسٽنٽ ڪمشنر آصف خاصخيلي کي ٿرپارڪر ۾ اي ڊي سي ون مقرر ڪيو ويو

صفدر ميراڻي کي اي ڊي سي ون دادو، آصف رضا چانڊيو کي اي ڊي سي ون لاڙڪاڻو ۽ دلشاد عمراڻي کي اي ڊي سي ون شهيدبينظيرآباد مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته غلام دستگير کي اي ڊي سي ون ميرپورخاص ۽  سليم جتوئي کي اي ڊي سي ون سانگھڙ مقرر ڪيو ويو  ٻئي طرف  سنڌ سرڪار پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايم بي راجا ڌاريجو کي روينيو کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو جڏهن ته روينيو سيڪريٽري جاويد سومرو کي بدلي ڪري وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم ۾ ميمبر مقرر ڪيو ويو

ناڻي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري اطهر ميمڻ کي پي ايند ڊي ۾ ڊي جي مانيٽرنگ ايند ايووليوشن مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته توانائي کاتي مان سيف الله ابڙو کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو ۾ ڊائريڪٽر لارمس مقرر ڪيو ويو. آءِ ٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنيد احمد کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو ۾ ڊائريڪٽر ڳوٺ آباد مقرر ڪيو ويو، سهيل شهزاد ابڙو کي بورڊ آف روينيو مان بدلي ڪري سيڙپڪاري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، بورڊ آف روينيو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (پي آر سي) محمد خان کٽي کي وري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل زين العابدين ميمڻ کي بورڊ آف روينيو ۾ ڊائريڪٽر (پي آر سي) مقرر ڪيو ويو، هوڏانهن بورڊ آف روينيو جي ضلعي رجسٽرار نعيم سهتو کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، سندس جاءِ تي  سليم الله ميمڻ کي ضلعي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو