دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت گئس ليڪيج سبب 3 ڄڻن جي سڙي فوت ٿيل واري ڪيس ۾ سوئي گئس جي اڳوڻي زونل مئينجر قمر الدين سرھيو ۽ ميٽر مينٽين انچارج ذوالفقار چانڊيو مٿان ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي با عزت بري ڪري ڇڏيو آهي ، ٻه سال اڳ دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي قلندر آباد پاڙي ۾ گهر اندر گئس ليڪيج سبب باھ لڳڻ جي ڪري ڪمري ۾ ويٺل 2 ڀائر زبير، اياز قريشي ۽ سندن ماسات هدايت گوپانگ سڙي فوت ٿي ويا هئا، فوتين جي وارثن ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته گهر ٻاهران گئس پائيپ لائين ۾ ليڪيج هجڻ بابت گئس انتظاميا کي شڪايتون ڪيون هيون پر انتظاميا ليڪيج بند نه ڪئي جنهن سبب حادثو پيش آيو ۽ ٽي انساني جانيون ضايع ٿيون ، عدالت فيصلي ۾ ٻڌايو ته گئس ليڪيج گهر کان ٻاهر جي ذميواري گئس انتظاميا جي هئي ۽ گهر اندر ڪمري ۾ ٿيل حادثي سان گئس انتظاميا جو ڏوھ ثابت نه ٿو ٿئي تحت عدالت جوابدار ڄاڻايل سئي گئس جي زونل مئنيجر ۽ ميٽر مينٽين آفيسر ذوالفقار چانڊيو کي ڪيس مان باعزت بري ڪيو آهي