برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي ڪامن ويلٿ گيمز جي ايندڙ رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ٿيڻ جا امڪان گھٽجي ويا آهن. برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيويز شاهينز کي آساني سان شڪست ڏئي پول اي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي ، جڏهن ته قومي ٽيم چوٿين پوزيشن تي پهچي وئي.  نيوزيلينڊ جي اسٽار اسٽرائڪر هيوگو انگلز 17هين ۽ 18هين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-2 جي برتري ڏياري پر پاڪستان جي غضنفر علي 26هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم جي اميدن کي زنده رکيو. پاڪستان ٽئين ڪوارٽر ۾ گول ڪرڻ جا ڪجهه سٺا موقعا پيدا ڪيا پر بال کي ڄار ۾ وجهڻ ۾ ناڪام رهي. ڪيويز پاڪستان جي ڪمزور دفاع جو فائدو وٺندي 43هين منٽ ۾ ڊيلان ٿامس جي گول جي مدد سان 1-3 جي برتري حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته چوٿين ڪوارٽر ۾ دير سان سام لين گول ڪري نيوزيلينڊ کي 1-4 جي برتري ڏياري.  ڪامن ويلٿ گيمز ۾ مردن جي هاڪي مقابلن ۾ ڏهه ٽيمون حصو وٺنديون جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. پاڪستان کي پول اي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ اسڪاٽ لينڊ سان گڏ رکيو ويو آهي. هر گروپ مان ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. ٻئي طرف نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني هاڪي ٽيم جا ايندڙ رائونڊ ۾ پهچڻ جا موقعا لڳ ڀڳ ختم ٿي ويا آهن، قومي ٽيم پنهنجا آخري ٻه ميچون 3 ۽ 4 آگسٽ تي اسڪاٽ لينڊ ۽ آسٽريليا خلاف کيڏندي.