ڪامريڊ مُرڪ جو موت قتل يا آپگهات؟

0
207

امتياز کوسو حيدرآباد مان لکي ٿو

 قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ قائم فليٽ مان مانجهند ڄائي ڪامريڊ مُرڪ جان پيرزادو جو ڦاهو کاڌل لاش مليو. نسيم شاپنگ مال جي فليٽ نمبر 19 ۾ جنهن حالت ۾ ڪامريڊ مُرڪ جو لاش ڪمري جي ڇت ۾ لڳل پکي ۾ لٽڪيل هو، ان جي وڊيو منظر عام تي اچڻ بعد واقعي کي هر ماڻهو قتل قرار ڏئي پوليس کان شفاف جاچ جو مطالبو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سندس والد جان محمد پاران به نياڻي جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل فليٽ ۾ ڪامريڊ مُرڪ جان اڪيلي ترسيل هئي. اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سندس ڦاهو کاڌل لاش مليو. شروعاتي طور سندس آپگهات بابت پوليس کي فليٽن جي چوڪيداري لاءِ مقرر گارڊ اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان بعد ۾ سندس لاش وارث تدفين لاءِ اباڻي ڳوٺ کڻي روانا ٿي ويا.

                 ڪامريڊ مُرڪ جان ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪافي عرصو هوءَ قومي ڪارڪن طور سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف به جدوجهد ۾ اڳڀري رهي آهي. مُرڪ جان جي والدين جو چوڻ آهي ته هوءَ تمام گهڻي خوشي واري انداز سان پنهنجي زندگي گذاري رهي هئي، ان ڪري سندن نياڻي ڪنهن به صورت ۾ خودڪشي نٿي ڪري سگهي. مُرڪ جان توڙي جو قومي ڪارڪن رهي آهي پر جيئي سنڌ قومي محاذ جي پليٽ فارم تان کيس جسقم ناري تحريڪ جو چيف آرگنائيزر به مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته هو ڄاڻايل تنظيم جي بنيادي ڪارڪن پڻ آهي. مُرڪ جان جي اوچتي وڇوڙي تي سول اسپتال ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪن توڙي اڳواڻ به پهتا، جن به سندس موت تي مختلف قسم جا بيان جاري پئي ڪيا. نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مُرڪ جي آپگهات واري واقعي جو فليٽ تي موجود چوڪيدار کي سيف جتوئي نالي شخص فون ڪري اطلاع ڏنو. جيئن هو واقعي واري هنڌ پهتا ته اتي به کين ان شخص ٻڌايو ته هو سيف جتوئي جو ڀاءُ آهي. مُرڪ سندس رشتي ۾ ڀاڄائي آهي. مُرڪ جي والد پوليس پيپرز ۾ به سندس مڙس جو نالو سيف جتوئي ظاهر ڪيو آهي پر اها ڳالهه به سامهون اچي رهي آهي ته مُرڪ شادي شده هئي پر هن مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي هئي. مرڪ جان پيرزادو کي ڪنهن قتل ڪيو يا هن آپگهات ڪيو آهي، جنهن بابت پوليس مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس کي مُرڪ جو موبائيل فون به فليٽ واري ڪمري مان مليو آهي، جنهن جو پاسورڊ کولڻ لاءِ انهن فون فارنزڪ ٽيم حوالي ڪري ڇڏيو آهي. فليٽ جي ڪمري مان پوليس کي شيشن جا ٽڪڙا به مليا آهن، جڏهن ته جنهن رئي ۾ سندس لاش پنکي ۾ ٻڌل هو، اهو رئو به پوليس تحويل وٺي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه مختلف جاچ ٽيمن پهچي ڪمري مان فنگر پرنٽس سميت ٻي جاچ به مڪمل ڪري شاهديون گڏ ڪيون آهن.

ڪامريڊ مُرڪ جان پيرزادو جو سڄو گهر قومپرست سياست سان سلهاڙيل آهي. سندس والد درگاهه حضرت شاهه اويس ڪرني جو گادي نشين هئڻ سان گڏ ايس يو پي ۾ شامل آهي. اهڙي ريت سندس والده به ايس يو پي جي پليٽ فارم تان مڪاني اليڪشن ۾ چونڊون کٽي ڪائونسلر ٿي هئي، جڏهن ته مُرڪ پاڻ قومپرست پارٽيءَ سان سلهاڙيل هئڻ سميت خانگي بئنڪ ۾ ملازمت به ڪندي هئي. ان ڪري ڪو به ماڻهو اها ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪو مُرڪ اهڙو انتهائي قدم به کڻي سگهي ٿي. صبح جي وقت سول اسپتال پهتل سندس والد پير جان محمد پاران پوليس ۽ صحافين کي ٻڌايو ويو ته رات جو نياڻيءَ سان فون تي به سندس ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان دوران به مُرڪ کيس پريشان نه لڳي ۽ نه ئي وري نياڻي اهڙي قسم جا ڪا ڳالهه ڪئي. هو تمام گهڻو خوش هئي، ان ڪري خودڪشي ڇو ڪري ها.

مُرڪ جي اوچتي موت واري معاملي تي سندس روم واري وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مُرڪ جو جنهن حالت ۾ لاش مليو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن آپگهات ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس رئو پنکي ۾ ٻڌل آهي ۽ هڪ پير بيڊ تي ۽ ٻيو بيڊ کان ٿورڙو هيٺ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن هو خودڪشي به ڪري ها ته زمين تي اسٽول يا ٻي ڪنهن شيءَ جو سهارو وٺي ها. پوليس کي سندس آپگهات بابت مليل شروعاتي ڄاڻ به نوان بحث کولي ڇڏيا آهن ته چوڪيدار کي مُرڪ واري فليٽ ۾ وڃي سندس سار سنڀال لهڻ جو چوندڙ شخص کي ڪيئن ڄاڻ ملي ته هوءَ آپگهات پئي ڪري، جڏهن ته اها ڳالهه چوڪيدار پوليس کي به ٻڌائي ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا تي مُرڪ جان پيرزادو ۽ سيف جتوئي جي حوالي سان هلندڙ بيان بازي کانپوءِ نيٺ شام ڌاري سيف جتوئي پاران به وڊيو بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ سيف جتوئي ان ڳالهه جو اعتراف ته ناهي ڪيو ته مُرڪ سان ساڻس شادي ٿيل آهي پر اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته مُرڪ سان تمام گهڻا ويجها لاڳاپا هئا. ڪالهه هو ڪراچي ويل هو. واپس رات جو 10 وڳي فليٽ تي پهتو ته مُرڪ پريشان هئي ۽ تمام گهڻي جذباتي به نظر آئي، جنهن بعد کيس هن سمجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي. سيف جتوئي موجب ته ايتري ۾ ڪنهن دوست کيس فون ڪري ملڻ جو چيو، ٻاهر هليو ويو. دير سان هن مُرڪ کي ڪيترائي فون ڪيا پر سندس فون اٽينڊ نه ٿيو، جنهن تي هن چوڪيدار کي فون ڪري مُرڪ جي فليٽ ۾ وڃي سندس خبر چار لهڻ جو چيو هو. چوڪيدار کيس ٻڌايو ته فليٽ جو دروازو اندر کان بند آهي ۽ مُرڪ دروازو کولڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن بعد هن چوڪيدار کي صلاح ڏني ته هو دريءَ جي ڄاري کولي پاڻ اندر داخل ٿئي ۽ فليٽ جي روم ۾ موجود مُرڪ کي سندس نياپو پهچائي ۽ چوڪيدار جيئن فليٽ ۾ اندر داخل ٿيو ته هو آپگهات ڪري چڪي هئي. سيف جتوئي وڊيو بيان ۾ اها به دعوا ڪئي آهي ته مُرڪ تمام گهڻي پريشان هئي، ان ڪري هن آپگهات ڪيو آهي. کيس سوشل ميڊيا تي مُرڪ جو “قاتل” سمجهيو پيو وڃي پر هو پوليس وٽ حاضر، بيان ڏيڻ ۽ سي ڊي آر ڪڍرائڻ سميت سموري جاچ ۾ شامل رهندو. ان کان اڳ مُرڪ کي ڀاڄائي تسليم ڪري پوليس کي سيف جتوئي بابت سندس ڀاءُ آگاهي ڏني ته هو ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ويل آهي پر سيف جتوئي پاڻ وڊيو بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هو مُرڪ جي مبينا خودڪشي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ به فليٽ تي موجود هو. سيف جتوئي جي بيان ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها جاچ پوليس کي ڪرڻي آهي. ٻئي طرف ڪامريڊ مُرڪ پيرزادو جي افسوسناڪ واقعي نوان بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن. ان لاءِ حيدرآباد پوليس کي گهرجي ته هو معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري ته جيئن سندس موت جو ڪارڻ واضح ٿي سگهي.