حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان پيرزادو جو چوٿين ڏينهن به ڪيس داخل نه ٿيو، مانجهند کان پهتل سندس والد ۽ چاچو ٿاڻي تي 4 ڪلاڪ ويهي بنا ڪيس داخل ڪرائڻ جي واپس روانا ٿي ويا. مرڪ جان پيرزادو جو والد جان محمد ۽ چاچو عبدالحڪيم قريشي مانجهند کان نسيم نگر پوليس پوسٽ پهتا، جتي ڊي ايس پي يو ٽي منيشا روپتا ۽ پوسٽ انچارج عبدالوحيد پنھور سان ملاقات ڪري کين خدشن کان آگاهه ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ مرڪ جي والد جان محمد ٻڌايو ته پوليس کين سي ڊي آر رپورٽ سميت هٿ آيل ٻين شاهدين ۽ هيستائين ڪيل جاچ بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو. هن چيو ته 20 نومبر تي ٻيهر حيدرآباد اچي ايس ايس پي سان ملاقات ڪري کيس واقعي بابت ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ويندو ڇاڪاڻ ته رڳو پوليس پنهنجي هيستائين ڪيل جاچ بابت آگاهي ڏني آهي باقي واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو. جان محمد اهو به چيو ته پوليس پاران جيڪي ساڻن ڳالهيون ڪيون ويون آهن ان بابت هو پارٽي اڳواڻ ۽ وڪيلن سان به صلاح مشورو ڪندو. پوليس ساڻن تعاون ڪيو آهي. شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ مرڪ جي موت جو سبب واضح ناهي ان ڪري هو حتمي رپورٽ جو به انتظار ڪندا. مرڪ جي چاچي عبدالحڪيم چيو ته سندس ڀائٽي جو فليٽ مان جنهن حالت ۾ لاش هٿ آيو ان مان واضح طور اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مرڪ مبينا آپگهات ڪري ها ته هو سندس لاش جو پوسٽ مارٽم ئي نه ڪرائين ها. هن چيو ته سندن ڪنھن سان به ڪا دشمني به ناھي ۽ نه ئي وري هو ڪيس ۾ ڪنهن بيگناهه ماڻهو جو نالو ڏيندا. سندن مطالبو آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. مرڪ جي چاچي انڪشاف ڪيو ته 15 نومبر تي رات جو آخري ڀيرو 2 لڳي 24 منٽن تي سيف جتوئي نالي شخص مرڪ کي فون ڪيو جنھن بابت کين 4 وڳي ٻڌايو ويو ته هن مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو آهي. معاملو مشڪوڪ آهي ان ڪري انهن مرڪ جي موبائيل فون تي آخري وقت ۾ لڳل ڪالز جي سي ڊي آر پڻ ڪڍرائي آھي. ڪامريڊ مرڪ جي چاچي اها ڳالهه ٻيهر ورجائي ته مرڪ جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ بعد کين هڪ وڊيو فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته سندس هڪ پير بيڊ کان ھيٺ ۽ ٻيو بيڊ تي مٿي رکيل هو، جيڪڏهن بيڊ تي ڪو به ماڻهو بيهي ته سندس مٿو ڇت سان لڳي وڃي ٿو جنهن ڪري اهو ماڻهو ان ئي بيڊ تي ڪيئن ٿو آپگهات ڪري سگهي. هن چيو ته مرڪ جي فليٽ واري ڪمري مان پوليس کي هڪ گلاس به ٽٽل حالت ۾ مليو هو پر ان واقعي جي به پوليس اڃا ڪا جاچ ناهي ڪئي. مرڪ جي والد ۽ چاچي پاران مانجهند کان اچي ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس کين بنا ڪيس داخل ڪرڻ جي واپس روانو ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل معاملي تي موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي قاسم آباد حبدار علي ۽ نسيم نگر پوليس پوسٽ جي انچارج وحيد پنهور کي بار بار فون ڪيو پر انهن فون اٽينڊ نه ڪيو جنهن ڪري پوليس جو موقف سامهون ناهي اچي سگهيو.