ڪامريڊ علي احمد جي نوجوان پٽ جو رت هاڻو لاش شهيد فاضل راهو جي مزار تان هٿ، وارثن جو بدين ۾ڌرڻو

0
18
ڪامريڊ علي احمد جي نوجوان پٽ جو رت هاڻو لاش شهيد فاضل راهو جي مزار تان هٿ، وارثن جو بدين ۾ڌرڻو
ڪامريڊ علي احمد جي نوجوان پٽ جو رت هاڻو لاش شهيد فاضل راهو جي مزار تان هٿ، وارثن جو بدين ۾ڌرڻو

بدين/ڪڙيو گهنور(رپورٽ: شفيع جوڻيجو/عبدالرسول سمون) شھيد عوام محمد فاضل سميت راھو خاندان ۽ ايم پي اي اسماعيل راھو جو تمام گھڻو ويجھو رھندڙ ڪامريڊ علي احمد جوکيو جو ڪجهه مھينا اڳ شھيد فاضل راھو جي مزار ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو ڪامريڊ علي احمد جوکيو جي پٽ اياز جوکيو جو راھوڪي ۾ شھيد فاضل راھو جي مزار آڏو رت ۾ لت پٿ لاش مليو آھي، لاش کي ڪڙيو پوليس سان گڏ اياز جوکيو جي وارثن قرمي قاضي ۽ ٻين کڻائي گولاڙچي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش کي ڊي سي او چوڪ بدين تي پھچايو ويو، جتي سندس ڀاءُ سارنگ جوکيو، قرمي قاضي، ماستر بچل جوکيو، وفا لطيف جوکيوجي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن مردن عورتن ۽ ٻارڙن اياز جوکيو جو لاش رکي ڌرڻو ھڻي راھو فيملي خلاف سخت نعريبازي ڪندي “ظالمو جواب ڏيو خون جو حساب ڏيو” جا زوردار نعرا ھنيا ويا، موقعي تي جوکيا برادري جي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته جوکيا برادري ھميشه فاضل راھو ۽ سندس فيملي سان وفا ڪئي آھي پر اسماعيل راھو، اسلم راھو ۽ راھو فيملي علي احمد جوکيو اياز جوکيو جا اسان کي لاش ڏنا آھن، جيڪو ھاڻ برداشت نه ڪنداسين، ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته راھو خاندان خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائي وارثن سان انصاف وڃي، چار ڪلاڪ سخت گرمي ۾ ڌرڻو ھڻڻ بعد مرحوم اياز جوکيو جو لاش بدين لڳ ڳوٺ قابل جوکيو ۾ پھتو ته گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو سندس جنازو ھزارين آلين اکين سان ڳوٺ قابل جوکيو ۾ سندس پيءُ مرحوم علي احمد جوکيو جي قبر ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،  جنازي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شھرين سوين ڳوٺاڻن سميت جوکيا برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شھيد فاضل جي شيدائي خاندان جي 4 ڀاتين جا لاش ملي چڪا، خودڪشي قرار

بدين/ڪڙيو گهنور: شھيد فاضل راھو جي شيدائي بعد ۾ اسماعيل راھو سان پ پ ۾شامل ٿيندڙ سياسي اڳواڻ علي احمد جوکيو جي فيملي جا چار ماڻھون سندس چاچو بعد سئوٽ ۽ پوءِ پاڻ علي احمد جوکيو ۽ ڪالهه سندس نوجوان پٽ جو به شھيد جي مزار ڀرسان رت ۾ ٻڏل لاش مليو آھي، سڀني کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر جڏھن ڪامريڊ علي احمد جوکيو جو نوجوان ۽ پڙھيل لکيل پٽ اياز جوکيو جو شھيد فاضل جي مزار تي رت ۾ لٿ پٿ لاش ملڻ کان اڳ نوجوان اياز جي رڪارڊ ڪيل وڊيو جيڪا سندس وال تي موجود آھي ۾هن  ھڪ وصيت لکي سڀني زيادتين جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن.

چار ڀاتين جا لاش کڻندڙ خاندان چپ جو روزو ٽوڙي ڇڏيو

بدين/ڪڙيو گهنور: شھيد فاضل راھو ۽ سندس خاندان سان لازوال محبت سبب ھڪ ئي گھر جي چار ڄڻن جا خودڪشي جي صورت ۾ لاش مليا آهن، جنهن بعد وارثن جي  خاموشي جو پئمانو لبريز ٿيڻ بعد وارثن پاران ٽارچر ڪري قتل بعد خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جا چئوٻول، وفا ڪرڻ جي حد ڪراس ٿي وڃڻ بعد راھو فيملي خلاف ڊي سي چوڪ بدين تي نوجوان اياز جوکيو جو لاش رکي سوين مردن عورتن ۽ ٻارڙن ڌرڻو ھڻي راھو فيملي مٿان قتل جا ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي اياز جوکيو جي آخري وصيت جي وڊيو وائرل

ڪڙيو گهنور/بدين: سوشل ميڊيا تي اياز جوکيو پاران سندس آءِ ڊي تي وصيت جي وڊيو ۾ رکيل آھي، جنھن ۾ پاڻ اسماعيل راھو اسلم راھو ۽ سندس خاندان کان شڪايتون ڪري کين جنازي ۾نه اچڻ جو چئي رھيو آھي ۽  سندس جوکيا برادري جي ڪجهه فردن کان به باغي نظر اچي ٿو، چوي ٿو ته شاھد جوکيو، وفا لطيف جوکيو ۽ غني جوکيو اسان سان غداري ڪئي آھي، کين منھنجي جنازي ۾ نه اچڻ ڏنو وڃي،