ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ورسي: تصويرن اڳيان گل رکي ڀيٽا

0
31
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ورسي: تصويرن اڳيان گل رکي ڀيٽا
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ورسي: تصويرن اڳيان گل رکي ڀيٽا

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي 10 هين ورسي انتهائي سادگي سان ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي ڪامريڊ جي رهائشگاهه تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل، ننهن ريکا، ناليواري اديب ۽ دانشور ايڊووڪيٽ امان الله ، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڄام جمالي، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، ڪامريڊ ڪريم بلوچ سميت ٻين شرڪت ڪري ڪامريڊ سوڀي جي مجسمي ۽ تصويرن اڳيان گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل گيانچنداڻي معيار ڏيندي چيو ته بابا جو يادگار جوڙائڻ سميت ٻيا واعدا پاڙڻ لاءِ سنڌ حڪومت يا ثقافت کاتي اسان سان ڪو به سهڪار ناهي ڪيو ۽ نه ئي اسان کي سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي مان ڪو آسرو آهي. هن چيو ته جناح باغ ۾ آرڪائيوز کاتي طرفان بابا جون يادگار شيون تصويرون، ريڊيو، گلاس، ڪتاب، واچ ۽ ٻيون شيون رکيون ويون آهن، بابا هيو ته حڪومت جون وڏيون ڳالهيون هيون پر بابا جي وڇوڙي کان سڀ ڳالهيون ننڍيون ٿي ٿيون،  هن چيو ته بابا جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو.  بابا جا 8 کان 10 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، بابا جون انگريزي ۾ ڪيسٽيون به آهن ۽ محمد علي پٺاڻ چوي پيو ته ان وٽ ڪجهه مواد آهي جنهن کي ڇپرائڻ جي ضرورت آهي، ڪامريڊ سوڀي جي ننهن ريکا چيو ته بابا اسان کي پل پل ياد ايندو رهندو آهي، بابا جي وڇوڙي کان پوءِ اسين سڀ کيس روز ياد ڪندا آهيون. ڊاڪٽر امان الله عباسي چيو ته سوڀو هڪ ئي وقت انقلابي، سنڌ پرست، عالم ۽ دانشور هئڻ سان گڏ گهڻ پاسائو شخص هيو،  پروفيسر ڄام جمالي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ثقافت کاتي جي هميشه عدم دلچسپي رهي آهي پر ڪامريڊ ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي. عيسيٰ ميمڻ چيو ته ڪامريڊ سنڌ سان ڪميٽيڊ هيو.