ڪامريڊ حيدربخش جتوئي: بي ڊپو هاري اڳواڻ ۽ شاعر

0
345
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي: بي ڊپو هاري اڳواڻ ۽ شاعر

”باباءِ سنڌ” جو لقب ماڻيندڙ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي الهداد خان جتوئيءَ جي گهر 10 آڪٽوبر 1901ع تي جنم ورتو. سندس مشهوري هاري اڳواڻ، انقلابي شاعر ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان آهي.

                 انگريز دور ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو هي گريجوئيٽ روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي، پوءِ مختيارڪار ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، پر انهيءَ دوران کيس اهو احساس شدت سان ٿيو ته سنڌ جو هاري مظلوم ۽ زميندار ظالم آهي ۽ حڪومت جو ساٿ مٿئين طبقي سان آهي، انهيءَ ڪري کيس آفيسريءَ واري حياتي ڀانءِ نه پيئي، سنڌ جي هارين نارين جي پيڙيل حياتيءَ سندس سک چين ڦٽائي ڇڏيو، ۽ هن پڪو ارادو ڪيو ته جيستائين هن خطي جي هارين ۾ هو سجاڳي پيدا نه ڪندو، تيستائين سک سان نه ويهندو، اهوئي سبب هو جو هن پنهنجي هيڏي وڏي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ سخت جدوجهد ڪري هاري پارٽي ٺاهي ۽ سندن حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. 1947ع ۾ رتيديري واري هاري ڪانفرنس ۾ کيس هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هن عهدي تي هو مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو.

حيدربخش جتوئي هارين جي بچاءُ لاءِ قانون جو مسودو تيار ڪري سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ۾ هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ لڳي ويو. “هاري حقدار” نالي هفتيوار اخبار ڪڍيائين، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس گاڏي کاتي حيدر چوڪ مان نڪرندي هئي، (گاڏي کاتي واري چوڪ کي اڄ به حيدر چوڪ سڏيو وڃي ٿو). سنڌ جو هيءُ پڙهيل لکيل عوامي ليڊر مئجسٽريٽ ٿي رهيو. سندس گهر ۾ ادبي ڪتابن سان گڏ قانون جي ڪتابن جو وڏو انگ موجود هو ۽ کيس قانون تي وڏو عبور حاصل هو. هن پنهنجي ڪيس جي وڪالت پڻ پاڻ ڪئي، سندس مٿي مشهور ڪيس “جيئي سنڌ ۽ جيئي هند” وارو به هو، جنهن مان کيس با عزت آزاد ڪيو ويو. هو ڪيترائي دفعا جيل ويو ۽ جيل واري عرصي دوران پڻ سندس گهر ۽ اوطاق هاري ڪاميٽيءَ وارن لاءِ کليل هوندا هئا، جنهن ۾ ڪامريڊ غلام حسين سومرو، ڪامريڊ احمد لغاري ۽ ٻيا ڪم ڪارين کي ڏسندا هئا. ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪتاب، “منهن تنين مشعل” ۾ لکيو آهي ته، ”ون يونٽ جا سانباها ٿيا ته ان جي خلاف تحريڪ به تيز ٿي ويئي.

پهرين “سنڌ عوامي محاذ” ٺهيو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پنهنجي هاري پارٽي سوڌو ان ۾ شامل ٿيو. کهڙي سرڪار جي آمريت جو مثالي بهادريءَ سان مقابلو ڪيائين،. اسان به شاگرد ڪارڪنن جي حيثيت ۾ ان تحريڪ ۾ گهڙي پياسين ۽ ان ريت ڪامريڊ کي ٿورو ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪامريڊ ڳالهائيندو هو ته کرو، ڪوبه رک رکاءُ، ڪابه ٺاهه ٺوهه يا تصنع، ڪابه مصلحت آميزي نه، جيڪو دل ۾ اهو زبان تي. ڪامريڊ جو منهن سندس روح جو آئينو هو.

اهڙو معصوم چهرو مون رڳو علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڏٺو، جنهن جي چهري جي هر ريکا ۾ خلوص هو. پاڻ سڌو ڳالهائيندو هو، بنا ڪنهن لڪ لڪاءُ، ٺاهه ٺوهه، رک رکاءُ يا ڊپ ڊاءُ جي چوندو هو، “ڪامريد، ڳالهه ڪجي سنئين سڌي”. اڳيان لکي ٿو ته، “هن دور ۾ مون علامه آءِ آءِ قاضيءَ توڙي ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ٻنهي کي ڏٺو ۽ ٻڌو. علامه صاحب سان ايتري ويجهڙائپ نه ٿي پر تڏهن به مان سمجهان ٿو ته علامه صاحب هن دور ۾ شاهه لطيف جو ڪردار پئي ادا ڪيو ته حيدربخش جتوئيءَ سچل سرمست جو. هڪ اشارن ۽ ڪناين ۾ حقيقت ڏي اشارو پئي ڪيو ته ٻئي سڌو سنئون علي الاعلان دُهل وڄائي حق ڏي پئي سڏيو”. (ص-22)

ڪامريڊ حيدربخش هڪ دلير ۽ سمجهدار ڄاڻو اڳواڻ هو. پاڻ ٽي دفعا سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پڻ بيٺو پر عوام ۾ سياسي شعور جي ڪميءَ سبب ڪامياب نه ٿيو، ته به هن جي حياتي سنڌ جي پورهيت طبقي لاءِ وقف هئي. کيس چڱيءَ پر خبر هئي ته هن جي سانگيئڙن وٽ قانون جي سمجهه ڪانهي. کين پنهنجن حقن جي آگهي ڪانهي. تيستائين سنڌ ڪڏهن به ڪين سنورندي، جيستائين عوامي اٿل جو انقلاب نه ايندو ۽ اهو انقلاب هُن آندو ۽ هارين نارين کي اڌ بٽئيءَ جا حق وٺي ڏنائين ۽ انهن جي بي جا بي دخلين خلاف قانون پاس ڪرايائين.

سنڌي ادب ۾ جتوئي صاحب جي حيثيت شاعر جي حوالي سان آهي پر هن ڪي ڪتاب نثر ۾ پڻ لکيا آهن ۽ گهڻا ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ آهن. انهن جو ڳاڻيٽو 14 آهي. سنڌي ڪتابن ۾ سندس پهريون شاعريءَ جو ڪتاب، “تحفهء سنڌ” آهي، جو 1930ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب تي وڏا اعتراض ٿيا ۽ کيس مشهوري ملي. شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص “حيدر” رکيائين.

هن نظم ۽ غزل وڌيڪ چيا، جن مٿي کيس وڏي دسترس هئي. سندس ڪلام ۾ عشق ۽ رومانس جي ذڪر کان وڌيڪ پورهيت طبقي ۽ هارين نارين جو ذڪر آهي. “درياهه شاهه” شاهڪار نظم آهي.

حيدربخش جتوئيءَ چؤسِٽا ۽ قطعا پڻ لکيا. سندس شاعري عوامي شاعري آهي، جيڪا مقصدي طور عام جي من کي متاثر ڪرڻ لاءِ لکيل ٿي ڏسجي پر ننڍو وڏو، پڙهيل اڻ پڙهيل به هن جي دل سان ڪيل هن سڏ تي ساڻس گڏ ٿي ويو ۽ هن جو چيل شعر مقبول ۽ معروف ٿيو. هو دل جي سچائيءَ جو قائل آهي. تڏهن هن چؤسِٽي ۾ چوي ٿو ته،

الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،

مسجد ۾ ٽڪاڻي ۾ نه ديول ۾ ڏٺم،

هت بحث ۽ منطق جو نه ڪجهه آهي زور،

مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.

سندس جي انقلابي شاعريءَ جا مجموعا جيڪي ڇپيا، انهن ۾ “آزادي ۽ قوم” 1942ع، “هاري انقلاب” 1942ع، “سنڌ پياري”، “هاري گيت” ۽ “جيئي سنڌ- جيئي سنڌ” شعري ڪليات، جنهن ۾ اڳين ڇپيل شعري ڪتابن کان سواءِ اڻ ڇپيل شاعري پڻ آندي ويئي آهي. نثر ۾ لکيل ڪتابن ۾ “هاري ڪهاڻيون” 1950ع، “ڪمدار جا ڪارناما” 1953ع آهن. ان کان سواءِ ڪامريڊ حيدربخش ڪيترائي مضمون سياسي موضوعن ۽ سنڌ جي حالتن جي باري ۾ لکيا. حيدربخش جتوئيءَ جي لکيل پمفليٽن سنڌ ۾ انقلاب جي باهه ٻاري ڇڏي.

هن پنهنجي قوم جي غريبن، اٻوجهن ۽ سادن ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. هاري حقدار اخبار ۾ سندس ليک هر هفتي هوندا هئا، جيڪا هو پاڻ ڪڍندو هو. ان اخبار جو ايڊيٽر پڻ هو. ڪتاب پڙهڻ جو کيس گهڻو شوق هو، جنهن جو ثبوت هن جي لائبريري هئي پر کيس گهڻو لکڻ يا شاعريءَ ڪرڻ جو وقت نه ملي سگهيو. سندس حياتي تمام مشغول هئي. ڪامورڪي دور ۾ يا توڻي هاري ڪاميٽيءَ جي قيام کان پوءِ جي انقلابي دور ۾ هو تمام مشغول رهندو هو. ادب ۾ دلچسپي ۽ شوق هئڻ جي باوجود پڻ گهڻا ادبي ڪتاب لکي يا شاعري ڪري نه سگهيو، هن عملي طور سنڌ لاءِ اهو ڪجهه ڪيو، جو هڪ حياتي ڇا، ماڻهو شايد جهجهين حياتين ملڻ بعد به نه ڪري سگهي. ڊاڪٽر تنوير سندس عظيم مقصد کي هن ريت مڃتا ڏني آهي، “ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جهڙا ماڻهو ڪٿي؟ سچا، کرا، جن جي اندر ۾ عشق، عشق سنڌ جو، سنڌ جي پورهيت جو، جن جو خلوص شفاف شيشي وانگر، جن جي حياتي ڏک، ڏولاوا، پر منهن تي هڪ سدا جرڪندڙ مُرڪ. اها مرڪ، جيڪا ڪنهن عظيم مقصد لاءِ تڪليف سهڻ کان پوءِ سڪون حاصل ٿيڻ مان ملندي آهي”.

ڪامريڊ حيدربخش “حيدر” جتوئي 21 مئي 1970ع تي وفات ڪئي. کين حيدرآباد ۾ سندن وصيت مطابق غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ٿلهي تي سپرد خاڪ ڪيو ويو.