سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران پارٽي جي باني سوشلسٽ اڳواڻ ڪامريڊ حسن عسڪري جي 75هين سالگرهه ملهائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر مير حسن سريوال، قاضي ممتاز، ايڊوڪيٽ عظيم رونجھي، مير حسن مري، استاد نظاماڻي، امر لغاري، حبيب لغاري، قاسم عادل، ولي محمد خاصخيلي، ايڊوڪيٽ خليل بلوچ، شبير حسن مري، وحيد بگٽي ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ حسن عسڪري نه رڳو هڪ سياسي ڪارڪن هو پر ھو سياسي ڪارڪنن جي نرسري ھو، هنن چيو ته ڪامريڊ حسن عسڪري مزدورن، پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ سرگرم جدوجهد ڪئي، هو شهري مسئلن تي هميشه بيباڪ آواز طور سڃاتو ويندو هو، سانگهڙ جا ماڻهو اڄ به کيس ياد ڪن ٿا، هنن چيو ته حسن عسڪري جي سياسي جدوجهد جو مقصد ملڪ ۾ سماجي انصاف قائم ڪرڻ، جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻڻ ۽ سامراجي سرمائيداري خلاف آواز اٿارڻ هو، جيئن سڀ ماڻهو برابري ۽ امن سان زندگي گذاري سگهن، اڳواڻن آمريڪي سامراج کي دنيا جي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته ڪامريڊ حسن عسڪري جهڙن نظرين وارن سياسي اڳواڻن جي اڄ به سخت ضرورت آھي.