ملتان (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي انگلش ڪپتان ۽ ڪمينٽيٽر ناصر حسين ڪامران غلام جي منفرد اسٽائل سبب آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ سان ڀيٽ ڪئي، ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪندڙ ڪامران غلام کي انگلش ڪمينٽيٽر ناصر حسين اسٽيو سمٿ وانگر منفرد بيٽنگ اسٽائيل تي ساراهيو، اسڪائي اسپورٽس سان ڳالهائيندي اڳوڻي انگلش ڪپتان چيو ته ڪامران غلام جلد وڪيٽون ڪرڻ بعد اٽيڪ ۽ دفاع جي وچ ۾ صحيح توازن قائم ڪيو آهي، پاڪستاني رانديگر عام طور تي سوئيپ شاٽس پسند ڪندا آهن، پر هن فٽ ورڪ جو بهترين استعمال ڪيو، ياد رهي ته ڪامران غلام کي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي جڳهه تي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو، جيڪو مسلسل ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ خراب فارم سبب تنقيد هيٺ هيو، ڪامران غلام ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪندڙ 13هون پاڪستاني ڪرڪيٽر بڻجڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو آهي.