لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي جونيئر سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پشاور زلمي جي بيٽنگ ڪنسلٽنٽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل باقاعده ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن لاءِ فرنچائز جي پهرين پريڪٽس سيشن کانپوءِ نيشنلا سٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڀني کي هڪ ڏينهن رٽائر ٿيڻو پوندو آهي، نئين ذميوارين سبب هاڻي ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندس.  هن چيو ته جڏهن به موقعو ملي ته ٿوري گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي وٺندس، سليڪٽر بڻجڻ ۽ ڪوچنگ ڪرڻ هڪ نئون رول آهي. ڪامران اڪمل چيو ته اڃا منهنجي ڪافي ڪرڪيٽ باقي هئي، قومي ٽيم ۾ اچڻ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي ڪارڪردگي ڏيکارڻي هوندي آهي، هاڻي بيٽنگ ڪنسلٽنٽ طور پي ايس ايل سان لاڳاپيل آهيان. هن چيو ته مان وڏي انٽرنيشنل ليگز جو حصو ته نه بڻجي سگهيس پر ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش هوندي.