ٺٽو/جهمپير (رپورٽر+ن پ ا) “ڪاليج ۽ لائبريري ڏيو” جهمپير ۾ شاگرد تحريڪ جو احتجاج خبر موجب جهمپير ۾ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ، بند پيل اسڪول کولرائڻ، لائبريري جي قيام ۽ راند جا ميدان قائم ڪرڻ توڙي نصابي ڪتابن جي کوٽ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، ضلعي ٺٽي جي صدر غلام علي زنئور، علي اڪبر لاشاري، ممتاز چانگ، مشڪور پالاري، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪٽري شاھ محمد چانگ، صدام چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بند پيل اسڪول کولرائي، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ لائبريري ڏني وڃي